نثارابڙو
نائب منتظم
پنجاب جي هڪ ٻي چال
پنجاب جڏهن ڪالاباغ ٺاهڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آهي، تڏهن کان سنڌ جي پاڻي چوري ڪرڻ جا نوان نوان منصوبا ٺاهي رهيو آهي ... جن ۾ تازو چشمه جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جو پروگرام ٺاهي ان برساتي نالي کي سنڌو درياه جو پاڻي ڏئي پورو سال ڪارآمد ڪيو ويندو، جنهن مان نه فقط بجلي ٺاهيندا پر ان مان سڄو سال پنجاب جون زمينو زرخيز ٿينديون ...
جڏهن ته سنڌ ۾ اڃان به سوڪهڙو وڌندو ... اڃان به رڃ ٿيندي ... ۽ اڃان به زمينون غيرآباد ٿينديون ... اڃان به سنڌي ماڻهون ڏکيا ٿيندا ۽ ڏڪار وڌندو ... ماڻهون ماڻهونءَ کي کائيندو ... بد امني وڌندي ... چوريون ۽ ڌاڙا وڌندا ...
سنڌ جا سڄڻ دوستو، پنهنجي آواز ۾ سگهه پئدا ڪريو ۽ سنڌ دشمنن کي سنڌ جي حقن سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏيو ... اهو اسان سڀني جو اخلاقي، قومي ۽ مذهبي فرض آهي ....
حق جيڪڏهن گهري وٺڻ سان نه ملن ته ڇا ڪجي؟ بس پوءِ سائين ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جو هي بيت پڙهجي ...

سڄي سنڌ وڪوڙي ويا سپ، ساٿي،
اوهان کي اڃا ننڊ جو آ نشو دوستو.
وڃو ويڙه تي ٿا وڏي واءُ واڪي،
سهيڙي سڀن کي وڃو دوستو.
گدڙ ٿي گذارڻ وڏي گار آهي،
جيئو ٿا ته شينهن ٿي جيئو دوستو.
تڙڻ تان تڙي غير تقدير ٺاهيو،
نوان ويڙه جا گھٽ گھڙيو دوستو.
پنڻ سان پلئه ڪان پوندي آزادي،
لڙو، حق ڇنڻ لئه لڙو دوستو.
مٽي کان مٽيندو جو منهنڙو مٺا،
هوندو سو وڏو بيوڙو دوستو.
اوهان کي اڃا ننڊ جو آ نشو دوستو.
وڃو ويڙه تي ٿا وڏي واءُ واڪي،
سهيڙي سڀن کي وڃو دوستو.
گدڙ ٿي گذارڻ وڏي گار آهي،
جيئو ٿا ته شينهن ٿي جيئو دوستو.
تڙڻ تان تڙي غير تقدير ٺاهيو،
نوان ويڙه جا گھٽ گھڙيو دوستو.
پنڻ سان پلئه ڪان پوندي آزادي،
لڙو، حق ڇنڻ لئه لڙو دوستو.
مٽي کان مٽيندو جو منهنڙو مٺا،
هوندو سو وڏو بيوڙو دوستو.