السلام عليڪم ورحمت الله دوستو اميد آهي خيريت سان هوندا ۔ آء جڏهن ايم ايس ورڊ فائيل سيو ڪندو آهيان ته سيونگ دوران ڪڏهن ڪڏهن ايرر ايندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته اها فائيل بلڪل ئي گم ٿي ويندي آهي ۔ جيڪو دوست ان مسئلي کان واقف هجي ۽ ان وٽ حل هجي برا مهرباني مدد فرمائي ۔۔۔
مائڪروسافٽ ورڊ ۾ جڏهن نئين فائل ۾ ڪمپوزنگ شروع ڪبي آهي ته ان ۾ آٽوميٽڪلي بيڪ گرائونڊ سيونگ هلندي آهي۔ شروع ۾ جيئن ته فائل ننڍو هوندو آهي، انهيءَ ڪري اهو جلديءَ ۾ سيو ٿيندو آهي، پر جڏهن ساڳئي فائل ۾ ڊيٽا جهجهي ٿيندي آهي ته هڪ ته اهو فائل بئڪ گرائونڊ سيونگ ۾ دير ڪندو آهي، مٿان وري جڏهن اوهان ان فائل کي سيو ڪندا آهيو ته هو بئڪ گرائونڊ سونگ ۾ مصروف هئڻ ڪري اوهان کي انهيءَ قسم جو ايرر ڏيندو آهي۔ منهنجي خيال ۾ اوهان سان به ان قسم جو مسئلو درپيش آهي۔ اوهان جي مينيوبار مان “TOOLS” ۾ اچي، “Option” کي سليڪٽ ڪريو، جنهن کان پوءِ “Save” جي ونڊوز ۾ اچي “Allow Background Saves”جي چيڪ باڪس کي ختم ڪري ڏسو، متان اوهان جو مسئلو حل ٿي وڃي۔ وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ جي مدد وٺي سگهو ٿا۔ 2909 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا عمران۔۔ ڇا توهان جي فائيل ڪنهن فليش ڊرائيو ۾ رکيل آهي۔۔۔ يا ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾۔۔۔؟ توهان ونڊز ۽ آفيس ڪهڙي پيا استعمال ڪريو۔۔۔؟ ممڪن حل هي آهن ته۔۔۔۔ اوهان جي فائيل جي پرميشن ”ريڊ اونلي“ هجي۔۔۔ جنهن کي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري پراپرٽيز ۾ وڃي ”ريڊ اونلي“ چيڪ هٽايو۔۔۔ جيڪڏهن فائيل ڪا ورڊ ٽيمپليٽ فائيل آهي ته ان کي سيو ايز ڪري پراپر نالي سان ورڊ فائيل بڻايو۔۔۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر جو آپريٽنگ سسٽم فائيل سسٽم 32 تي آهي ته پنهنجي فائيل کي 64 بٽ آپريٽنگ سسٽم تي کولي ڏسو۔۔۔۔ ۽ آخري ته توهان ڪهڙو اينٽي وائرس پروگرام انسٽال ڪري رهيا آهيو۔۔۔ جي ڪاسپر سڪاءِ آهي ته هيٺ موجود موونگ اميج ذريعي سيٽنگ کي درس ڪريو۔۔۔ ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو اينٽي وائرس آهي ته ان جي سيٽنگ کي پڻ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔۔۔۔ ڇا توهان وٽ ڪجهه وقت آهي ۔۔۔۔؟ جي ها ته ورڊ فائيل متعلق هي تفصيلي آرٽيڪل پڙهي ڏسو۔۔۔