مائڪروسافٽ ورڊ ۾ جڏهن نئين فائل ۾ ڪمپوزنگ شروع ڪبي آهي ته ان ۾ آٽوميٽڪلي بيڪ گرائونڊ سيونگ هلندي آهي۔ شروع ۾ جيئن ته فائل ننڍو هوندو آهي، انهيءَ ڪري اهو جلديءَ ۾ سيو ٿيندو آهي، پر جڏهن ساڳئي فائل ۾ ڊيٽا جهجهي ٿيندي آهي ته هڪ ته اهو فائل بئڪ گرائونڊ سيونگ ۾ دير ڪندو آهي، مٿان وري جڏهن اوهان ان فائل کي سيو ڪندا آهيو ته هو بئڪ گرائونڊ سونگ ۾ مصروف هئڻ ڪري اوهان کي انهيءَ قسم جو ايرر ڏيندو آهي۔
منهنجي خيال ۾ اوهان سان به ان قسم جو مسئلو درپيش آهي۔ اوهان جي مينيوبار مان “TOOLS” ۾ اچي، “Option” کي سليڪٽ ڪريو، جنهن کان پوءِ “Save” جي ونڊوز ۾ اچي “Allow Background Saves”جي چيڪ باڪس کي ختم ڪري ڏسو، متان اوهان جو مسئلو حل ٿي وڃي۔
وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ جي مدد وٺي سگهو ٿا۔