جيون جيون (عمر ملاح)

عرفان ملاح

سينيئر رڪن
جيون
توري جيون جيون ڪِيهو
لوح ۾ ڄڻ ڪو ٿرٻاٻيهو
تنهنجي پُڄاڻان آس نِراس
توبن هر ڪنهن نيڻ اُداس
توکي هيڏي هوڏي ڳوليان
ويرانن ۾ پاڻ کي روليان
ياد اچي ٿي تنهنجي هرپل
تولئه من آ هيڪل وياڪل
تنهنجو چهرو هيئين هُري ٿو
توکي ساري جي جهُري ٿو
شاعر : عمر ملاح
jeewan-jpg.2910
 
Back
Top