نثارابڙو
نائب منتظم

رمضان جي 21 ۽ آگسٽ جي 10 تاريخ جي صبح جو هڪ اهڙي گهڙي هئي جنهن سنڌ کان حيدري کسي ورتو هو ... هي ملنگ صفت انسان پنهنجو پاڻ ۾ عاشق به هو ته معشوق به هو، مست به هو ته مستي به هو ... ادبي لڏي ۾ لفظن جو سحر ۽ محفل ۾ ساقي به هو ...
دل ۾ درياهه هيس پر کيسي ۾ سوراخ هيس ... يارن جي ياريءَ ۾ ڏکن جي درياه مٿان ٽهڪن جي گونجار هو ...
نور نچوئي ٻين کي روشني ڏيڻ وارو جڏهن هڪ اسٽيل جي لٺڙيءَ جي آسري تي در جي چائنٺ تان ٿاٻڙيو هو ان وقت ڪيترين اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا هئا ... پر ان انڌيري کي به ائين ئي قبول ڪيو هيائين جيئن اکين جي روشنيءَ کي قبول ڪيو هيائين.
اکين کان بنهه خالي علم جي روشنيءَ ۾ ڪيترا ئي سنڌ جا قصا ۽ گيت پنهنجين آڱرين سان پنهنجي ئي نهائينءَ تي لکندو رهيو هو....
ڏک کي سک ڪري قبول ڪرڻ، فقيريءَ کي اميري ڪري قبول ڪرڻ ۽ سور کي ساهه ڪري قبول ڪرڻ جي سکيا جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻي هجي ته شمشير جي عمر جا آخري لمحا ڪوئي ڏسي وٺي. سڀ فلسفا سمجهه ۾ اچيو وڃن...
هي ڏاهو شخص جيئري ته دوستن جي منهن جي مرڪ هيو پر شايد جڏهن به ياد ايندو ته سندس يار کيس ياد ڪري اکين ۾ لڙڪن سان گڏ هڪ ننڍڙي مسڪراهٽ چپن تي ضرور آڻيندا....
اکيون ته سندس سال ڏيڍ کان بي نور هيس پر ٻوٽيل نه هيس شايد 21 رمضان جي صبح جي انتِظار ۾ هيس جڏهن سندس تاريخ جي محبوب ڪردار حضرت عليءَ اکيون ٻوٽيون هيون .... بس جيئن ائين ئي تاريخ جون اکيون ٻوٽيون ته شمشير به اکيون ٻوٽي ڇڏيون ...
کيس ڀيٽا سندس ئي لفظن ۾ ڏجي ته ڪيئن ڏجي ...؟؟؟تو وٽان ســـــــور کڻـــــي آياسيـــــــــــن،
پـــــــــــورئي پــــــــــور کڻـــــي آياسيــــن.
ٻيو ته ڪجهه ڪين ٿيوسين حاصل،
تنهنجـــــــــا مذڪور کڻـــــــــي آياسين.
هُنَ جي اکـــڙين ســـــان لڙائـي ٿي پئــي،
گهائجـــــِي، گهـــــــور کڻي آيـــــــاسيــن.
هــــــونءَ ته ها جامَ چَپــــــــن تي ميوا،
چند انگــــــــــــور کڻـــــــــي آياسيــــــــن.
دل ۾ ويهـــــــاري، ڀريـــل ميــلي مــــــان،
پاڻ هــــــــڪ حور کڻــــــــــــي آياسيـــن.
شهر سيوهڻ جـــــي مِٽيءَ مان “شمشير”،
دل جـــــــا دستــــــور کڻــــــــي آياسيـــن.
شمشير الحيدري