تون ياد وري آئين

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    رمضان جي 21 ۽ آگسٽ جي 10 تاريخ جي صبح جو هڪ اهڙي گهڙي هئي جنهن سنڌ کان حيدري کسي ورتو هو ... هي ملنگ صفت انسان پنهنجو پاڻ ۾ عاشق به هو ته معشوق به هو، مست به هو ته مستي به هو ... ادبي لڏي ۾ لفظن جو سحر ۽ محفل ۾ ساقي به هو ...​
    دل ۾ درياهه هيس پر کيسي ۾ سوراخ هيس ... يارن جي ياريءَ ۾ ڏکن جي درياه مٿان ٽهڪن جي گونجار هو ...​
    نور نچوئي ٻين کي روشني ڏيڻ وارو جڏهن هڪ اسٽيل جي لٺڙيءَ جي آسري تي در جي چائنٺ تان ٿاٻڙيو هو ان وقت ڪيترين اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا هئا ... پر ان انڌيري کي به ائين ئي قبول ڪيو هيائين جيئن اکين جي روشنيءَ کي قبول ڪيو هيائين.​
    اکين کان بنهه خالي علم جي روشنيءَ ۾ ڪيترا ئي سنڌ جا قصا ۽ گيت پنهنجين آڱرين سان پنهنجي ئي نهائينءَ تي لکندو رهيو هو....​
    ڏک کي سک ڪري قبول ڪرڻ، فقيريءَ کي اميري ڪري قبول ڪرڻ ۽ سور کي ساهه ڪري قبول ڪرڻ جي سکيا جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻي هجي ته شمشير جي عمر جا آخري لمحا ڪوئي ڏسي وٺي. سڀ فلسفا سمجهه ۾ اچيو وڃن...​
    هي ڏاهو شخص جيئري ته دوستن جي منهن جي مرڪ هيو پر شايد جڏهن به ياد ايندو ته سندس يار کيس ياد ڪري اکين ۾ لڙڪن سان گڏ هڪ ننڍڙي مسڪراهٽ چپن تي ضرور آڻيندا....​
    اکيون ته سندس سال ڏيڍ کان بي نور هيس پر ٻوٽيل نه هيس شايد 21 رمضان جي صبح جي انتِظار ۾ هيس جڏهن سندس تاريخ جي محبوب ڪردار حضرت عليءَ اکيون ٻوٽيون هيون .... بس جيئن ائين ئي تاريخ جون اکيون ٻوٽيون ته شمشير به اکيون ٻوٽي ڇڏيون ...​
    کيس ڀيٽا سندس ئي لفظن ۾ ڏجي ته ڪيئن ڏجي ...؟؟؟تو وٽان ســـــــور کڻـــــي آياسيـــــــــــن،
    پـــــــــــورئي پــــــــــور کڻـــــي آياسيــــن.
    ٻيو ته ڪجهه ڪين ٿيوسين حاصل،
    تنهنجـــــــــا مذڪور کڻـــــــــي آياسين.
    هُنَ جي اکـــڙين ســـــان لڙائـي ٿي پئــي،
    گهائجـــــِي، گهـــــــور کڻي آيـــــــاسيــن.
    هــــــونءَ ته ها جامَ چَپــــــــن تي ميوا،
    چند انگــــــــــــور کڻـــــــــي آياسيــــــــن.
    دل ۾ ويهـــــــاري، ڀريـــل ميــلي مــــــان،
    پاڻ هــــــــڪ حور کڻــــــــــــي آياسيـــن.
    شهر سيوهڻ جـــــي مِٽيءَ مان شمشير”،
    دل جـــــــا دستــــــور کڻــــــــي آياسيـــن.
    شمشير الحيدري

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,637
    ورتل پسنديدگيون:
    5,639
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪي ماڻهون مري به مرڻا ناهن هوندا... سندن جذبا، سوچون ۽ خيال هميشه زنده ۽ جاونده رهندا آهن... سنڌ کيس ڪڏهن به نه وساري سگهندي... کيس سندن ئي لکيل لفظن جي ڇا ته ڀيٽا آهي...
    دل ۾ ويهـــــــاري، ڀريـــل ميــلي مــــــان،
    پاڻ هــــــــڪ حور کڻــــــــــــي آياسيـــن.
    شهر سيوهڻ جـــــي مِٽيءَ مان “شمشير”،
    دل جـــــــا دستــــــور کڻــــــــي آياسيـــن​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڌڻي تعالا سندس مغفرت فرمائي، ۽ جنت ۾ جايون ڏئي۔ آمين۔۔۔
    هڪڙو شمشير هو زماني ۾
    سو به دنيا مان گذاري ويو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي ياد آهي ته آخري ڏينهن ۾ جڏهن کيس آغا خان اسپتال آندو ويو هو ته گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هو، سندس نور به ختم ٿي چڪو هو پر سندس دل ۽ دماغ ڪم ڪندا رهيا۔ مان گهڻو ڪر هر ٻئي ڏينهن ويندو هيس۔ فتح علي ۽ سليم سان ملاقات ٿيندي هئي۔ جڏهن شمشير سان ملبو هو ته هو هٿ کي مضبوط جهليندو هو، ڄڻ ته اسانکي ڪا آٿت ڏيندو هجي۔ مونکي ان وقت سندس ئي شاعريء جا هي بند ياد پوندا هئا

    شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
    لڳي وئي زماني جي توکي نظر
    ______​

    هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
    باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

    هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
    ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

    21 رمضان صبح جو سوير آفيس تيار ٿيڻ لاء اٿيس ته درويش جي فون آئي، هن ٻڌايو ته شمشير هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو۔ مان ۽ مرتضى تيار ٿي آغا خان اسپتال پهتاسين جتي سندس خاندان جا سڀئي فرد پهتا هيا۔ ٻاهرين ماڻهن مان ڪي ٽي اين جي ٽيم ۽ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر کانسواء ڪوبه ڪونه هيو۔ جڏهن شمشير جي ميت اسپتال مان ٻاهر ايمبولينس طرف آنديسين ته آسمان وسي پيو ۽ رحمت جون بوندو وسڻ لڳيون۔ ميت کي ايمبولينس ۾ رکيوسين ته بوندون به بس ٿي ويون۔

    رات جو جڏهن سندس تدفين چوڪنڊي جي قبرستان ۾ ٿي رهي هئي تڏهن به بوندون وسڻ لڳيون هون ۽ مٽيء مان خوشبو اٿي نڪتي هئي ۔۔۔۔ بس شمشير سنڌ جي مٽي سان ملي ويو هو۔

    ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،
    زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو