باغ دنيا بي بقا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    باغ دنيا بي بقا​


    شاعر مولوي حاجي احمد ملاح



    باغ دنيا بي بقا، بر ۾ اچي بلبل وڃن،
    سي، ڪر ڪوسِيءَ لُوه کان، گوماٽجي سڀ گل وڃن.

    وار سنبل جيئن سندئي، منهڙو مبارڪ گل گلاب،
    گل اچن گوماٽ ۾ سر تان لهي سنبل وڃن.

    محل ماڙيون ۽ منارا، موت کي مشڪل جھلين،
    ڪوٽ چٽ، هڪ چوٽ سان، گھر گھوٽ گذري ڪُل وڃن.

    درد پٺيان درد، ڪيسين، دور دارون سان ٿين،
    موت جي منهن ۾ اچي، ڪنهن مهل موتي ڦُل وڃن.

    بادشاه باقي خدا هڪ، بي بقا ٻئا بادشاهه،
    مورچن وارا مُني تي، سڀ ٺلها ٿي ٺُل وڃن.

    سٺ، سر کان پوءِ صاحب، ساهه کان ورچي پون،
    ڀار، ڀاتي، ڀائيٽا، بيزار ٿي بلڪل وڃن.

    هي سينيما ۾ سنهان، جوڙا سجوڙا صبح، شام،
    هڪ هڪل سان، ڏينهن هڪ، هڪدم بيهي سڀ هُل وڃن.

    حمد ”احمد“! ڪر احد جو، عهد جنهن سان اُهد کان،
    هي مٽيءَ تائين مِٽئِي، بازو به ٿي بُل بل وڃن


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو