منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
ڪجهه وقت اڳ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازشن ۾ جتي اردو ميڊيا وڏو رول ادا ڪيو ته اهي هر ڪنهن به خبر کي نشر ڪرڻ مهل لکندا يا چوندا هئا ته ڪراچي سميت اندرون سنڌ ۾ حالتون خراب آهن۔۔جنهن مان اهي اهو بانور ڪرائيندا آهن ته خدانخواسته ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي ۽ اهي سازشون اڃا به جاري آهن۔ هاڻ ته ڳالهه ڪراچي کان نڪري وڃي حيدرآباد تائين پهتي آهي، جنگ اخبار جي هڪ نمائندي جي نا اهلي يا اخبار وارن جي ملي ڀڳت حيدرآباد کي به سنڌ کان الڳ لکيو ويو آهي۔ هيٺ ان خبر جو ڏيک ڏجي ٿو۔۔فيصلو ڪيو ته ڇا سنڌ يا سنڌي ماڻهو اڃا اهڙو رويو برداشت ڪري سگهن ٿا۔؟