• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پهريان ڪراچي ۽ اندرون سنڌ هاڻ وري حيدرآباد ۽ سنڌ به الڳ

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
ڪجهه وقت اڳ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازشن ۾ جتي اردو ميڊيا وڏو رول ادا ڪيو ته اهي هر ڪنهن به خبر کي نشر ڪرڻ مهل لکندا يا چوندا هئا ته ڪراچي سميت اندرون سنڌ ۾ حالتون خراب آهن۔۔جنهن مان اهي اهو بانور ڪرائيندا آهن ته خدانخواسته ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي ۽ اهي سازشون اڃا به جاري آهن۔ هاڻ ته ڳالهه ڪراچي کان نڪري وڃي حيدرآباد تائين پهتي آهي، جنگ اخبار جي هڪ نمائندي جي نا اهلي يا اخبار وارن جي ملي ڀڳت حيدرآباد کي به سنڌ کان الڳ لکيو ويو آهي۔ هيٺ ان خبر جو ڏيک ڏجي ٿو۔۔فيصلو ڪيو ته ڇا سنڌ يا سنڌي ماڻهو اڃا اهڙو رويو برداشت ڪري سگهن ٿا۔؟
 
اردو ميڊيا جو تعصب وارو رويو ته سالن کان برقرار آهي پر سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به اهو رويو برقرار رکندا پيا اچن_نادرا جي آفيس ۾ موري،دادو،لاڙڪاڻي،خيرپور ۽ ٻين شهرن جا رهواسي اهو چوندا ته سائين اسان جو ڪارڊ اندروني سنڌ جو ٺهيل آهي مهرباني ڪري ڪراچي جو ٺاهي ڏيو_ان جو ته اهو مطلب ٿيو ته ڪراچي بيروني سنڌ آهي_ ڇا اهڙي قسم جو اصطلاح ٻين صوبن ۾ استعمال ٿئي ٿو ؟

دعاگو

آصف علي جھتيال
 
ادا آصف سنڌي ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه انهن کي ته اندروني بيروني جي چڪر ۾ لڳايو ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شعور جي ڪمي جي ڪري اسان لفظن کي به درست استعمال ڪري نٿا سگهون۔
سنڌي ميڍيا کي ان لاء مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
 
آصف جي ڳالهه به صحيح آهي ۔۔ اسانکي پاڻ کي به اندرون بيرون جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔

باقي اردو ميڊيا مان ڪنهن چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي۔
 
Back
Top