جواب: حجاب يا پردو
ادا سائين اسين ڇا چئون؟ عورتن کي ويچارا مرد ڪٿي ٿا ڊيڄارن، ڊڄ ته عورت جي پنهنجي نفس ۾ آهي ۔۔۔ ڪاڪروچ کان ڊڄڻ، وڇنئيءَ کان ڊڄڻ وغيره وغيره، اسين مرد ويچارا ته دنيا کان ڊڄون يا نه ڊڄون پر پنهنجي عورت کان ڊڄڻو ضرور آهي !!!
۔۔۔ پاڪستان ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا عجيب قانون ڪڏهن ۽ ڪٿي پاس ٿيندا ، ڀلا انهن جي ڪو پڪ ڏئي سگهي ٿو !!! دراصل جڏهن ماڻهون پاڻ کي چون ته مسلمان ۽ قانون اسلامي هجي ته انجي مخالفت ڪن ته انهن کي ٻين لفظن ۾ منافق چيو ويندو آهي ۔۔۔ يا وري منهن ۾ مسلمان اندر ۾ ابليس ۔۔۔
باقي جنهن عورت اهو چيو ته مرد کي پنهنجي نظرون هيٺ رکڻ گهرجن ته اها ڳالهه به ٺيڪ دين جو حصو آهي ۔۔۔ حضرت علي ڪرم الله وجهه، پنهنجي نظرن کي ايترو ته هيٺ رکندو هو جو سندس لقب ئي ڪرم الله وجهه پئجي ويو ۔۔۔
باقي ته ڀائڙا اسين پنهنجي معاشري لئه دعا ئي ڪري سگهونٿا ۔۔۔
محترم مڪرم جناب سائين نثار احمد ابڙا صاحب جڙيا هجو شال ۔۔۔۔
قبلا سائين ڳالهڙي ته ڀلي لکي اٿوَ پر عمل ڪون ڪــــــــنداسين ڇو ته اسان وٽ علم شرعي آهي پر عمل نه آهي پر جن بزرگن وٽ عمل آهي ته اهي بزرگ مجور آهن جو انهن جي چوڌاري لکن جي تعداد ۾۔۔۔۔۔۔ رهن ٿا۔ سائين قبلا اسان جي پاڙي جي مسجد ۾ ڳوٺ وارن دعوت ڏئي مولوي صاحب جن کي گھرايو ۽ مولوي صاحب جن آيا سڄي شهر ۾ خبر پئجي وئي ته رات مسجد ۾ واعظ آهي ۔ منهنجي چاچا مرحوم کي پنهنجي دوست چيو ته رات مسجد ۾ واعظ آهي مون سان گڏجي هلجان واعظ تي۔
چاچا ۔ ادا توهان وڃجو مان ٿڪيل آهيان۔۔۔۔۔۔
دوست ۔ يار توهان کي ضرور هلڻون پوندو ۔ مولوي صاحب جن پري کان آيا آهن توهانکي هلڻون پوندو
چاچا۔ انهن دوستن کي جواب ڏنو مان هلڻ جهڙو نه آهيان توهان وڃو۔۔۔۔۔۔ دوست ويا ۽ چاچا نه ويو
دوست ۔ صبح ٿيوچاچا وٽ آيو
چاچا۔ پنهنجي دوست کان پڇو ادا رات مولوي صاحب جن ڇا ٻڌايو
دوست ۔ ادا مولوي صاحب جن رات ڏاڍي ٻڌائي
چاچا۔ ادا مولوي صاحب جن ڪجه ته ٻڌايو هوندو بسڙي ادا ڇاٿو پڇين ڏاڍي ٻڌايائين۔
قبلا سائين ڏاڍي ٻڌائڻ جو مقصد مولوي صاحب جن جو آواز يعنى مٺڙو سر ٻڌي آيا آهن جيڪـڏهن ان جاءِ تي ڪو فنڪـار جو راڳ هجي هان ....
سڀ ڪلام ياد هجن هان .
قبلا سائين عورت امڙ به آهي عورت ڀيڻ به آهي عورت زال به آهي عورت ڌيءَ به آهي ۔
قبلا سائين عو رت ڪـــڏهن به ڪنهنکي سڏ ڪــري چيو................ آهي
قبلا سائين ڪـا ب عورت غلط نه آهي نه ٽيليويزن جو قـصور آهي نه فلم وارن جو قصور آهي . قصور گھرجي پاليندڙ جوآهي .
جيڪـــا پوکيندو اهائي لڻندو
مثال : اڄ يارهين بجي حضرت مولوي رحيم بخش صاحبن جي ٽيليوزن تي اسلامي تقــرير آهي انجو جواب توهانکان ٿو گھران عوام ٻڌندو....... يا .....
مثال : اڄ پنجي بجي پٿر دنيان ڊامون هلي رهيو آهي انجو جواب توهانکان ٿو گھران عوام ڏسندو .... يا .........
قبلا سائين هڪـ ٻڌل قصو آهي پڙهيو ناهي الله سائين کي علم آهي
صحيح يا غـلط عالم الله
جمع جو ڏ ينهن هو مولانا خطبوڏئي رهيو هو۽ توهان وانگر حجاب جي نصحت ڏئي رهيو هو چوڻ لڳو اگر حجاب واري عورت جي پير جي کڙي کان مٿي ٽڻيئنءَ تي نظـر پئجي وڃي ته وضوءُ ڀڄي پوندو ۽ ٻهر وضوءُ ڪــــرڻو پوندو
اهي لفظ پاڙيسري عورت ٻڌا ۽ عصر جي نماز کان ٿورو اڳ۾ اچي مسجد جي دروازي تي بيهي مولانا کي سڏڻ لڳي مولانا جواب ڏنس وضوءُ ٿو ڪــيان ٿورو صبر ڪــر مائي جڏهن مولانا صاحب جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ لڳي يقد م صلوار کي پڪـڙي مٿي ڪــرڻ لڳي پنيون ظاهر ٿيڻ لڳس مولانا آيو مائي کان سوال ڪيو مائي خير ته آهي . هاڙي ادا خير نه آهي ٻڪـري ته مسجد ۾ ڪـــان آئي آهي نه مائي مولانا واپس مسجد وڃڻ لڳو مائي آواز ڏنس اڙي ادا توهان اڄ مسجد ۾ واعظ پي ڪيو ته جيڪڏهن عورت جي ٽڻين تي نظر پوندس وضوءُ بڄي پوندو . مولانا سمجهي ويو ، مولانا مائي کي چوڻ لڳو هڪـــ منٽ بيه مولانا مسجد ۾ ويو هڪــ ڪتاب کڻي آيو اچي مائيءَ کي ڏ نائينس ۽ مائي کي چيائين هي ڪتاب فلان جي گهر ۾ ڏي ۽ فلاڻون ڪتاب وٺي اچ ته پوءِ مان توکي تنهنجي سوال جو جواب ڏيان ٿو .
مائي فلان جي گهر ڏانهن وئي خير سان پهتي دروازو کڙڪايو ۽ مائي آواز ڏنو دروازو کول مان فلاڻي آهيان مولانا توهان جي لاءِ ڪتاب ڏنو آهي ۽ فلاڻون ڪتاب مولانا کي کپي ۽ در کول مان اندر اچان اندران آواز آيو ٿورو صبر ڪر اهيو چئي ڪتاب کيائني پر ڪتاب کڻڻ کان اڳ۾ پنهنجي هٿ کي ڪپڙو ويڙهي ڍڪي ٿورڙودروازو کولي ٻانهن ڪڍي چيائينس ته ڪتاب ڏي مائي ڪتاب ڏنو ۽ ٻيو ڪتاب وٺي آئي مولانا وٽ مائي چوڻ لڳي مولانا کي ڪهڙي ماڻهن جي گهر موڪليو اٿئي جو دروازو به نه کوليائون۽ هٿ کي ڪپڙو ويڙهي پوءِ ڪتاب ورتائين ۽ ڏ نائين مائي ڪاوڙ مان چيو .
مولانا چيس اي مائي مون جمع جي خطبي ۾ ان حجاب وارين عورتن جي ڳاله ڪئي هئي انهن عورتن جي ٽڻين تي نظر پئي ته وضوءُ ڀڄي پوندو. باقي تون سڄي ............. ٿي بيهين تڏهن به وضوءُ نه ڀڄندو
آخر ايترو چوندس جن بزرگن جي گهر۾ قرآن جو درس آهي ان جاءِ تي حجاب ضرور هوندو .
ادا نثار نصيحت ڏيڻ لاءِ جزاڪ الله خير رب العالمين توهانکي ۽ توهان جي اولاد کي صالح ڪندو ۽ دعائون ڪيون ٿا انهن ادڙين ڀينرن کي رب سائين پناه ۾ رکي ۽ سڌي رستي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين
الله نگھبان
توهان جودعاڳو
مڪو پاڪ کـان
علي منير لوهار پاٽائي shal judy hujeen
sindhsalamatsaathsal