• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيرت النبي صه تي لکيل بهترين ڪتاب الرحيق المختوم

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

Vv5j92S.jpg


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران علامہ صفي الرحمان مبارڪپوري رحہ جو سيرت النبي صہ تي لکيل اوارڊ يافتہ ڪتاب ”الرحيق المختوم“ جو سنڌي ترجمو اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سنڌيڪار قاضي مقصود احمد آھي.
الرحيق المختوم موجودہ دور ۾ سيرت نگاريءَ جو اھڙو معياري نمونو آھي، جيڪو انڌي عقيدت، مبالغہ آرائي ۽ فڪر پرستيءَ کان پاڪ آھي. ھن ڪتاب جي مشھوري ۽ مقبوليت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ دنيا ۾ ڪابہ زبان ھن ڪتاب جي ترجمي کان خالي نہ رھي آھي.
ھن ڪتاب جو سنڌي ترجمو 2008ع ۾ المرڪز الاسلامي للبحوث العلميہ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون قاضي مقصود احمد جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.



 
   
   
رابطه عالم اسلامي مڪه المڪرمه جي اهتمام هيٺ ٿيل سير نگاريء جي عالمي مقابلي ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ عربي ڪتاب جو سنڌي ترجمو پيش آهي۔

هي ڪتاب الرحيق المختوم جو مصنف الشيخ العلامه صفي الرحمان مبارڪپوري رحه آهن جڏهن ته سنڌي ۾ ترجمو محترم قاضي مقصود احمد جن ڪيو آهي۔

هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ۽ چپائي المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه گلستان جوهر ڪراچي جي محنتن جو ثمر آهي۔




سبحان الله۔ انشاالله ضرور پڙهنداسين
 
جزاڪ الله خير، تمام قيمتي ڪتاب آهي، ان جا عربي ۽ اردو ايڊيشن ته ڪافي پهرين اچي چڪا هئا، اسان جي دل وارو ڪم ٿي ويو جو امت لا هن دوست اهڙو قيمتي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو۔
وري مهرباني ادا وساڻ صاحب جن جي، جن جي ٿورن، مهربانين، قربن، ۽ سنڌ سان سچي عاشقي جو ثبوت ڏيندي دنيا جي پهري سنڌي فورم محبتي اڱڻ سنڌ سلامت تي دنيا جي سڀني سنڌي سڄڻن لا گهر ويٺي آڻي ڏنو، لک لائق ادا۔۔۔
 
اهو سنڌي ترجمي وارو ڪتاب مون وٽ موجود آهي،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي ڪتاب سيرت تي لکيل ڪتابن ۾ انتهائي لاجواب ڪتاب آهي،منهنجو پنهنجو خيال هو ته هي ڪتاب سنڌ سلامت تي آڻيان پر ڪمپوزنگ جي سگهه نه ساري سگهيس،تمام گهڻي خوشي ٿي توهان جي محنت جو رب پاڪ توهان کي اجورو ڏيندو۔۔
 
تمام بهترين ونڊ ۔ الله پاڪ ڪمپوزر ۽ هن سائيٽ تي رکندڙ جا درجا بُلند فرمائي (آمين)
 
تمام سٺي ڪاوش آهي، سنڌ سلامت جو هي هڪ بهترين سلسو آهي جنهن وسيلي مناسب ۽ معياري ڪتابن جي ذخيري کي سنڌي ڳالهائڻ وارن تائين پهچايو وڃي ٿو۔ انهن مان به رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن جي عظيم الشان سيرت جي ڄاڻ اسان مسلمانن جي ذميواري آهي۔ ڌڻي در دعاڳو آهيان ته پاڪ پالڻهار اسان کي پنهنجي نبي ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم جن جي پاڪ و پاڪيزه سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفي
ق عطا فرمائي۔
 
Back
Top