جواب: پي ڊي ايف ٺاهڻ جا مختلف سافٽويئرَ مٺڙا ابوزين، السلام عليڪم ورحمت الله ايترا سارا پروگرام ٻڌائي اصل متيون منجهائي وڌيون اٿوَ، ڪم ته سٺو آهي ۽ اهڙو ڪو پروگرام گهرج ۾ به هيو ۔۔۔ عرض منهنجو هي آهي ته مون وٽ ورڊ ۾ هڪ فائيل آهي انکي پي ڊي ايف ڪئين، ڪٿان ۽ ممڪن مفت ۾ بدلايان؟ ۔۔۔ جي اوهانکي ڪو اهڙو سوفٽ ويئر هجي ته موڪليو يا هت آهي ته ٻڌايو ۔۔۔ اوهانکي ته خبر آهي ته پاڻ انهن سوفٽ ويئرز کان ائين ڊڄندا آهيون جيئن مائي ڊڄي ڪاڪروچ کان ۔۔۔ انڪري اوهين مدد ڪريو ته ڪا دل ٻڌجي ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: پي ڊي ايف ٺاهڻ جا مختلف سافٽويئرَ هونئن ته مون جيڪي به پي ڊي ايف سافٽويئر هتي شيئر ڪيا آهن، انهن جي ذريعي توهان پنهنجي ڪنهن به ڊاڪومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ بدلائي سگهو ٿا، پوءِ اهو ورڊ ڊاڪومينٽ هجي يا ڪو ٻيو. البته ايڊوب ايڪروبيٽ رائيٽر مون کي سڀني کان سٺو لڳو ۽ آئون استعمال به ڪندو آهيان. ايڊوب کي انسٽال ڪرڻ سان ورڊ ۾ هڪڙو پلگ ان ظاهر ٿي پوندو آهي، بس انهيءَ تي ڪلڪ ڪرڻ سان کليل فائل جي پي ڊي ايف ٺهي ويندي. البته ايڊوب ايڪروبيٽ ۾ وري هڪڙو مسئلو هي آهي ته ورڊ جي اردو فونٽن کي سپورٽ نٿو ڪري ۽ انهيءَ جي پي ڊي ايف نٿو ٺاهي. انهيءَ لاءِ آئون وري پي ڊي ايف فيڪٽري استعمال ڪندو آهيان. سائين رشيد پڻ هڪڙو پي ڊي ايف سافٽويئر شيئر ڪيو آهي ”پي ڊي ايف ٽائيگر“ جي نالي سان. اهو پڻ تمام بهترين آهي. مختلف سافٽويئرن ذريعي پي ڊي ايف ٺاهڻ لاءِ مطلوبه فائل کي پرنٽ ڪبو آهي ۽ انسٽال ٿيل پي ڊي ايف ڪريئٽر جو پرنٽر سليڪٽ ڪري پرنٽ جي ڪمانڊ ڏيڻ سان پي ڊي ايف تيار ٿي ويندي آهي. هيٺ ايڊوب ايڪروبيٽ رائيٽر 6.0 جو ٽورينٽ لنڪ ڏيئي رهيو آهيان، انهيءَ کي ”يو ٽورينٽ“ يا وري ڪنهن ٻئي سافٽويئر ۾ جنهن ۾ ٽورينٽ ڊائونلوڊ ٿيندو آهي، ذريعي ڪاپي ڪري انسٽال ڪريو. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ايڪروبيٽ رائيٽر 9.0 جو لنڪ ڏٺو هيو، پر بجلي بند ٿيڻ جي ڪري اهو لنڪ ڪاپي نه ڪري سگهيس. اميد ته جلد ئي ڪو مهربان انهيءَ جو لنڪ به شيئر ڪندو. Adobe Acrobat Writer 6.0 Torrent