اڌ صديءَ جو سفر

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اڌ صديءَ جو سفر
    آزاد نظم
    شمشير الحيدري

    عمر جي معصوم، مخلص مرحلن ۾،
    زندگيءَ جي راه تي،
    همسفر هڪڙو مليو هو،
    اهڙو ئي معصوم، مخلص،
    جهڙي هن جي عمر هئي.

    ڪا خبر ئي ڪان هئي ڪهڙو سفر هو،
    ڪا خبر ئي ڪان هئي سا راه ڪيڏانهن ٿي وئي،
    بيخبر اکڙيون هيون،
    بيخبر دلڙيون هيون،
    بس ائين ئي بيخبر،
    وقت جي وڻراهه تي،
    ٽهڪ ڏيندا، کيڏندا، کلندا، ڪڏهن پوپٽ ۽ ڀنڀوريون جهليندا،
    يا وري
    رنگ برنگي گل پٽي جهوليون ڀريندا،
    چنڊ تارن کي تڪيندا،
    هڪٻئي جو هٿ جهلي،
    جهومندا، ڳائيندا، هلندا ٿي رهياسين،
    ڪيستائين، ڪنهن طرف؟
    ڪا خبر ئي ڪان هئي.

    پنڌ سارو هو گلن جي فرش تي،
    هر قدم سرهاڻ جون اوتون هيون،
    هڪڙي ئي موسم بهاريءَ جي هئي،
    ڇانورا، وڻڪار جا، بادل هئا، بوندون هيون​
     
    شاهنواز ٽالپر، رحيم بخش ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    112
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    اڌ صديءَ جو داستان

    عمر جي معصوم، مخلص مرحلن ۾،

    زندگيءَ جي راھ تي،

    ھمسفر ھڪڙو مليو ھو‑

    اھڙو ئي معصوم، مخلص،

    جھڙي ھن جي عمر ھئي.


    ڪا خبر ئي ڪانه ھئي ڪھڙو سفر ھو،

    ڪا خبر ئي ڪانه ھئي، ساراه ڪيڏانھن ٿي وئي،

    ڪا خبر ئي ڪانه ھئي، اڳتي ڪٿي منزل به ھئي‑

    بيخبر اکڙيون ھيون،

    بيخبر دلڙيون ھيون.

    بس ايئن ئي بيخبر،

    وقت جي وڻراھ تي،

    ٽھڪ ڏيندا، کيڏندا، کلندا، ڪڏھن پوپٽ ۽ ڀنڀوريون جھليندا،

    يا وري،

    رنگ برنگي گل پَٽي جھوليون ڀريندا،

    چند تارن کي تڪيندا،

    ھڪٻئي جو ھٿ جھلي،

    جھومندا، ڳائيندا، ھلندا ٿي رھياسين:

    ڪيستائين؟ڪنھن طرف؟

    ‑ڪا خبر ئي ڪانه ھئي.


    پنڌ سارو ھو گلن جي فرش تي،

    ھر قدم سرھاڻ جون اوتون ھيون،

    ھڪڙي ئي موسم بھاريءَ جي ھئي،

    ڇانورا وڻڪار جا، بادل ھئا، بوندون ھيون.



    پوءِ ھڪ ڏينھن اوچتو،

    ڪيئن الائي،

    ھڪٻئي جو ھٿ ھٿ مان ويو ڇڏائجي:

    وقت جي وڻراھ تي ڪارا ڪڪر ويا ڇانئجي،

    ۽ وڏي گجگاه ڪنھن جنگل ۾ ڦاسي،

    پنھنجي پنھنجي منھن ٻئي ڀٽڪي وياسين،

    سڏ پڙاڏاگونجندا، ھر پل پري ٿيندا رھيا،

    دل کي گھائيندا رھيا:

    نيٺ ھڪٻئي کان ايئن گم ٿي وياسين،

    ڄڻ ھميشه کان ئي اڪيلا ھئاسين:

    پنھنجي پنھنجي واٽ ھر ڪنھن کي ملي اڳتي ھلي،

    زندگي گذري ايئن روئي کلي، اڳتي ھلي.


    اڌ صدي جي ڳالھه آھي،

    زندگيءَ جي راھ تي،

    حال واري موڙ تي،

    اڄ وري سو ھمسفر سامھون اچي بيٺو ھئم!

    بت بڻيا حيرت وچان،

    ايئن تڪيندا ٿا رھون ھڪٻئي جا چھرا،

    ڄڻ ڊٺل ڪنھن چِٽ جون ليڪون خيالن ۾ ملائي،

    رنگ تن ۾ يادگيرين جا ڀري،

    ڪا تصور جي پرانھينءَ ڪنڊ ۾ دٻجي ويل تصور ٺاھيندا ھجون.

    ھوريان ھوريان،

    پوپٽن، گلڙن ۽ ڀنڀورين جا ڪيئن منظر اڀرن ذھن ۾،

    روح ۾ سرھاڻيون پالوٽ ڪن ٿيون،

    ۽ يڪايڪ،

    ھن جون اکڙيون ٻوٽجي، ڇرڪ سان ٻيھر کلن ٿيون جنھن گھڙيءَ،

    ھن جي چپڙن تي سوين رابيل مرڪي ٿا پون:

    ۽ وري،

    ٻيءَ گھڙيءَ،

    مرڪ جا رابيل سڀ ڪومائجي، وکري وڃن ٿا،

    ۽ اکين ۾ ھڪ وڏي گجگاھ جنگل جا نظارا ڇوھ سان پيھي اچن ٿا،

    سڏ پڙاڏا، ويجھڙا ٿي، ذھن ۾ گونجڻ لڳن ٿا،

    ھو ڪنن تي ھٿ رکي، ٻيھر اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو،

    مان ڏسان ٿو،

    سو ڪنول‑ چھرو ڪٿي؟

    وقت جي وڻراھ تي، جر جھنگ جي بيرحم ڪوسين، تيز طوفاني ھوائن،

    ھن جو سارو جسم لوساٽي ڇڏيو ھو:

    گل گلابي ڳل ھئا ڪنڊن سان رھڙيل،

    ۽ لڦون پيرن جون چِڪيون پئي اڃان.


    ھڪ ٻئي کان جي پڇي پڇجي ته ڇا؟

    ھڪ ٻئي کي جي ڏسي ڏسجي ته ڇا؟

    ماجرا ساڳي ھئي، دل جي ڪٿا ساڳي ھئي،

    آپ‑بيتي ھن جي منھنجي، برملا ساڳي ھئي،

    ھو اکيون کولي چوي ٿو ايترو:

    سمنڊ تان اڏري اچڻ ٿيو ھو ھتي،

    سمنڊ تان اڏري وري وڃڻو اٿم.


    سوچيان ٿو،

    اڌ صدي جو ھڪ ”زمان“ جو فاصلو گذريو ته ڇا،

    اڌ صديءَ جو ٻيو ”مڪان“ جو فاصلو بڻجي ويو:

    زندگاني ڄڻ ”زمان“ جي ۽ ”مڪان“ جي فاصلن جو جھنگ آھي،

    جنھن جي ڪنڊن ساڻ ڦٽجڻ ھر محبت جي مسافر جي اصل تقدير آھي.

    مون ٽنگي آھي سندم دل جي پراڻي ڀت تي،

    وقت جي ڊٺل اھا تصوير، جنھن تي رنگ ليڪا يادگيرين جا

    ڀريندس پيو انھيءَ منظر کي جوڙڻ جي لئه،

    جو ھجي منھنجي ۽ منھنجي ھمسفر جي درميان خالي

    ”زمان“ جي ۽ ”مڪان“ جي فاصلن کان.


    ٽه ماھي ”مھراڻ“ 3.1995
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو