هينئر ئي ڀٽائي آباد، سعدي ٽائون کان ٿيندي واپس سچل پهتو آهيان، طاهر سنڌي سان به ملاقات ٿي۔ ڀٽائي آباد ۾ رات ڪافي گهرن کي نقصان پهتو ۽ بختاور ڳوٺ ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي۔
هن وقت ڀٽائي آباد مان وهندڙ نالا اڃان به کچا چچ ڀريل نظر آيا ۔۔۔۔۔ پر خطرو ٽري ويو آهي۔ سعدي ٽائون، رئيس امروهوي سوسائٽي، پريم ولاز ۾ به گهڻو نقصان ٿيو آهي۔
رات ڪراچي جي سعدي ٽائون، پريم ولاز، رئيس امروهوي سوسائٽي، ذڪري ڳوٺ، بخاتور ڳوٺ ۽ ڀٽائي آباد ۾ بو_ واري صورتحال کانپوء سچل ڳوٺ کان سنڌ گريجوئيٽش، سنڌ سلامت ۽ ڳوٺ جي ٻين دوستن جي ٽيم انهن علائقن جو دورو ڪيو ۽ اهو ڏٺو ته ڪافي نقصان ٿيو آهي.
اهو به نوٽ ڪيم ته نقصان پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي روڪڻ سبب پيش آيو آهي. هي تصويرون ڀٽائي آباد جون آهن جتان وچان پاڻي جا نالا گذرن ٿا. پاڻي سپر هاء وي کان ٿيندو سعدي ٽائون ۽ پوء پريم ولاز، ريس ڪورس کان ٿيندو گذري رهيو آهي.
سعدي ٽائون ۾ رهندڙ دوست احمد سومرو سان رابطو ٿيو جنهن ٻڌايو ته هو ۽ سندس فيملي خيريت سان آهن پر نقصان گهڻو ٿيو آهي.