انسان هزارين مان نه رڳو.

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين مان نه رڳو.​
هن دنيا ۾ اي ديس! هيا نادان هزارين مان نه رڳو.​
جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ, .​
هي ڌرتي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو۔​
اک ساري رات نه جهپڪي آ، ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ,​
جي باک گهري ٿي بک، ته اي زندان! هزارين مان نه رڳو.​
ٿو ساري ڪو به نه سڃ مُئا، هو رُڃ مُئا جي اُڃ مُئا,​
ڇا پاپي پر کي پُنڃ مُئا، ارمان هزارين مان نه رڳو.​
ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري؟​
آ ڪيڏو پويون پهر پري! حيران هزارين مان نه رڳو.​
تون چئه نه ڪُڇان تون چئه نه لُڇان، پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟​
تو ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.​
هي دور "ايـــــــــــاز" گذرڻو آ، ۽ پهنجو وارو ورڻو آ,​
ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪان هزارين مان نه رڳو."​
 
هي دور "ايـــــــــــاز" گذرڻو آ، ۽ پهنجو وارو ورڻو آ,
ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪان هزارين مان نه رڳو."
 
Back
Top