ڪول (ماڪوڙي) ۽ تڏ جو قصو؛

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪول (ماڪوڙي) ۽ تڏ جو قصو؛​


    سڄي دنيا جو قصو

    ڪيولي جنهنکي لاڙ سنڌ ۾ ماڪوڙي چيو ويندو آهي، سڄو تتل اونهارو سخت ڪم ڪندي آهي ... گهر جي مرمت ڪندي آهي ... ۽ سياري لئه ثمر ڪٺو ڪندي رهندي آهي ...
    تڏ ڪيوليءَ کي بيوقوف سمجهندي ۽ کيس اجائي محنت ڪندي ڏسي کلندي رهندي آهي ... نچندي رهندي آهي ۽ گيت ڳائيندي رهندي آهي ۽ ائين هوءَ سڄو اونهارو گذاريندي آهي.
    جڏهن سيارو ايندو آهي ته ڪيولي آرام سان گرم گهر ۾ رهندي آهي ... کيس کاڌو ميسر هوندو آهي، تڏ کي نه گرم گهر نه کاڌو، انڪري بک ۽ سيءَ ۾ ڏڪندي مرندي رهندي آهي ...
    ________________________________________
    پاڪستاني قصو

    ڪيولي جنهنکي لاڙ سنڌ ۾ ماڪوڙي چيو ويندو آهي، سڄو تتل اونهارو سخت ڪم ڪندي آهي ... گهر جي مرمت ڪندي آهي ... ۽ سياري لئه ثمر ڪٺو ڪندي رهندي آهي ...
    تڏ ڪيوليءَ کي بيوقوف سمجهندي ۽ کيس اجائي محنت ڪندي ڏسي کلندي رهندي آهي ... نچندي رهندي آهي ۽ گيت ڳائيندي رهندي آهي ۽ ائين هوءَ سڄو اونهارو گذاريندي آهي.
    جڏهن سيارو ايندو آهي تڏهن محترمه تڏ ميڊيا ۽ پريس وارن کي گهرائي چوندي آهي ته ايئن ڇو آهي ته هڪ ئي ملڪ ۾ ڪيولي آرام سان گرم گهر ۾ رهي ٿي... ۽ کيس سٺو کاڌو ميسر آهي، جڏهن ته ٻين کي نه گرم گهر آهي نه سٺو کاڌو ميسر آهي ... اهو ظلم ٿي رهيو آهي ... اها نا انصافي ٿي رهي آهي ...
    جيئو ٽي وي، دنيا ٽي وي، ۽ ايڪسپريس ٽي ويءَ وارا ان سيءَ ۾ ڏڪندڙ ۽ بک ۾ مرندڙ تڏ جا ڦوٽو ڪڍي ڏيکاريندا آهن ... ۽ ٻي طرف ڪيوليءَ جون فلمون ڏيکاريندا آهن ته هوءَ ڪيئن نه آرام سان رهي ٿي ۽ سندس ٽيبل تي ست رشي کاڌا پيا آهن ...!!! دنيا حيران ٿي ويندي آهي ته هڪ ملڪ ۾ ايترو فرق ۽ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته غريب تڏ ايتري مصيبت ۾ هجي؟ ۽ پوءِ هن طرح جو فلم شروع ٿيندو آهي ...

    1. عمران خان ڪيولين جي گهر آڏو احتجاجي پروگرام ڪندو ...
    2. عاصمه جهانگير ٻين تڏن کي گهرائي بک هڙتال جو پروگرام ٺاهيندي ۽ اهو مطالبو ڪندي ته تڏين کي سرد موسم ۾ گرم علائقن ۾ رهايو وڃي ۽ کين کاڌو ميسر ڪيو وڃي ..
    3. جانورن جي حقوق واري تنظيم مظاهرو ڪندي ته ” اها ناانصافي ۽ ٻه اکيائي بند ڪئي وڃي“
    4. بين الاقوامي انصاف مهيا ڪرائيندڙ تنظيم حڪومت تي تنقيد ڪندي چوندي ته ويچارين غريب تڏن کي سندن بنيادي حق ڏنا وڃن ...
    5. انٽرنيٽ تي تڏن جي حمايت ۾ حڪومتي ناانصافين جون خبرون گرم ٿينديون ...
    6. حزب اختلاف جا ميمبر، اسيمبليءَ مان واڪ آئوٽ ڪندا ۽ حزب اختلاف جي پارٽين جو اجلاس ڪوٺايئندا ...
    7. مختلف ادار عدالتي جاچ جو مطالبو ڪندا ... ته ڪيولين کي گرم موسم ۾ سخت محنت ڪرڻ جي ضرروت ناهي ته جيئن ٻين نه محنت ڪندڙ جانورن سان برابري رهي ...
    8. شيخ رشيد، ملڪ ۾ هلندڙ سڀني ريلن ۾ هڪ بوگي مفت ۾ سفر ڪرڻ لئه تڏين خاطر وقف ڪندو ...
    9. عدالتي قانون لاڳو ڪيا ويندا ته سياري جي شروعات کان وٺي تڏين جي خلاف دهشتگردي بند ڪئي وڃي ...
    10. تعليم جو وزير تڏين لئه سڀني ڪاليجن ۾ مفت داخلا جو اعلان ڪندو ... مختلف ادارن جا وزير پنهنجن پنهجن ادارن ۾ تڏن کي نوڪرين ڏيڻ جو اعلان ڪندا ...
    11. ڪيولين تي ڏنڊ مڙهيا ويندا ۽ مٿن ٽيڪس هنيو ويندو ۽ تڏن کي دهشتزده ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويندو ... ڪيولين جا گهر تڏن جي حوالي ڪيا ويندا ۽ ان ڀلائيءَ جي عمل ۾ سڀ وزير ۽ عملدار شريڪ ٿيندا، جنهن جي پاڪستان ٽي ويءَ وار سڌي نشريات ڏيکاريندا ...
    12. سڀ سياستدان انکي ” انصاف جي فتح “ قرار ڏيندا ...
    13. شريف برادران انکي سماجي انقلاب جو نالو ڏيندا ...
    14. حقوق واريون تنظيمون، انهيءَ کي حق جي فتح قرار ڏيندا ...
    15. گڏيل بين الاقوامي ادارو تڏين کي اداري جي جنرل اسيمبلي ۾ گهرائي تقرير ڪرائيندو ...
    16. ڪجهه سالن ۾ ڪوليون پاڪستاني سياست کان تنگ ٿي لڏي آمريڪا، يورپ ۽ مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ وڃي رهنديون ... ۽ اتي وڃي وڏا وڏا ڪاروبار کولي لکين ڊالر ڪمائينديون ... ۽ آمريڪا، يورپ ۽ مڊل ايسٽ سميت دنيا جي سڀني ترقي يافته قومن کي اهڙا محنتي ۽ ايماندار جانور کپن ...
    پر


    سوين ۽ هزارين تڏيون، سياسي اڳواڻن ۽ ملڪي انتظاميا جي جهالت سبب اڃان به بک ۽ سيءَ وگهي مرنديون رهنديون ۽ اڃان الائجي ڪيستائين هي ملڪ ترقي ڪرڻ جي بجاءِ تنزليءَ جو شڪار رهندو ....
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪول (ماڪوڙي) ۽ تڏ جو قصو؛

    واه جو انصاف آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو