اڄوڪو ڏينهن 6 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 6 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

6 آگسٽ 1712ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مخدوم عبد اللطيف جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 آگسٽ 1862ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ، سياستدان ۽ آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 آگسٽ 1913ع سياستدان ڊاڪٽر پوهومل ايسرداس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 آگسٽ 1936ع ليکڪ حليم بروهي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 آگسٽ 1950ع ناليواري رياضيدان ڊاڪٽر ڪي ڊي سومرو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
6 آگسٽ 1967ع شاعر يوسف لغاري جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

6 آگسٽ 1950ع مذهبي عالم مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي جو انتقال ٿيو.
6 آگسٽ 2008ع اداڪار، صداڪار، ليکڪ، ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻي جي ايم پي ٽي وي عبدالڪريم بلوچ جو لاڏاڻو ٿيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ آمريڪا پاران ڇهين آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي ائٽم بم اڇليو ويو. ان بم جو وزن نو هزار پائونڊ (20,000 ٽن) هو ۽ ان بم جو نالو ”لٽل بواءِ“ هو، جيڪو 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تان اڇليو ويو هو، جنهن سان هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مئا ۽ ايترا زخمي ٿيا هئا.
 
Back
Top