2940 اٽيچمينٽ ڏسو جديد سائنس ۽ تحقيق کانپوء ڪيترن ئي ناقابل علاج بيمارين جو علاج به ممڪن ٿي پيو آهي۔ ڪيترن ئي بيمارين جهڙوڪ، بڪين ۽ جيري جي ٽرانسپلانٽيشن يا ٻيا ڪيترائي مرض۔ انهن بيمارين ۾ ڪو ٻيو ماڻهو پنهنجو عضوو بيمار کي ڏيندو آهي۔ شرعي لحاظ کان ان تي ڪافي بحث ٿيندو رهي ٿو۔ اسان جي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي ادا طاهر سنڌي کي جس هجي جنهن هن اهم مسئلي تي شرعي ۽ مذهبي حوالن سان تحقيق ڪئي آهي۔ سندس هي تصنيف اردو ۾ ڇپيل آهي ۽ اسان سڀ کيس عرض ڪنداسين ته پاڻ ان جو سنڌي ترجمو ڪندي به پيش ڪن۔ هي ڪتاب انساني اعضاء ڪي پيوندڪاري اسانجي محترم دوست ابو واصف جن ڪمپوز ڪيو آهي۔ مصنف طاهر سنڌي اسلامي ڪلچر ۾ ايم فل آهي ۽ تحقيق سان سندن عشق آهي۔ هن کان اڳ به ڪجهه ڪتاب لکي چڪو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو
اسلام ۾ ڪنهن به انسان جي حياتي بچائڻ جو تمام وڏو اجر آهي ايتري قدر جوڪنهن بيمار جي رڳو عيادت ڪرڻ به عين ثواب ۾ شامل آهي۔اسان سڀني کي خبر آهي ته بيمار کي آٿت ڏيڻ، سندس ڏک ونڊڻ ، کيس تڪليف ۾ صبر ڪرڻ ۽ همٿائڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي۔ جڏهن بيمار کي صرف همدردي ڏيڻ جو ايترو ثواب آهي ته سوچڻ جي ڳالهه آ ته ان جي بيماري ۾ علاج ڪرڻ يا علاج ۾ مدد ڪرڻ ڪيترو نه وڏو برڪت ۽ رحمت ڀريو عمل هوندو۔ جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ طب ۾ انقلابي ايجادون ۽ علاج جا نوان نوان طريقا اچڻ شروع ٿيا ته گڏوگڏ مختلف انسانن جي وچ ۾ عضون جي مٽا سٽا تي به تحقيق ٿيڻ لڳي ۽ اهو مشاهدو ڪيو ويو ته عضون جي تبديلي سان ڪيترن ئي انسانن جي حياتي بچائڻ ممڪن آهي۔ اهڙا انسان جن جا عضوا لاعلاج بيماري جي ڪري هميشه لا خراب ٿي چڪا هئا اهي جڏهن ٽرانسپلانٽ جي عمل مان گذريا ته حيرت انگيز طور تي صحتمند ٿي ويا۔ ڪيترن ئي موقعن تي ڪنهن بيمار انسان جي خراب عضوي جي جڳهه تي صحتمند انسان کان ورتل عضوو يا ان جو ڪجهه حصو استعمال ڪرڻ سان غير يقيني حد تائين فائيدو پهتو۔ وقت گذرڻ سان گڏ ٽرانسپلانٽيشن جي سلسلي ۾ ترقي ٿيندي رهي ۽ اهو علاج جو طريقو غير مسلم ملڪن کان مسلم ملڪن تائين به پهتو۔ پر بد قسمتي سان هن علاج سان گڏ هڪ اڻ کُٽندڙ بحث جي شروعات به ٿي وئي۔ اڄ به اسان جي ذهنن ۾ اهو ئي سوال آهي ته ڇا ٽرانسپلانٽيشن اسلام ۾ جائز آهي ۔۔۔؟؟؟ انساني جسم جي صحتمند عضون کي ڪنهن بيمار کي ان نيت سان ڏيڻ ته سندس بيماري جي تڪليف ختم ٿي سگهي ۽ جسم جو اندروني يا بيروني نظام به ان ڏنل عضوي جي مدد سان درست انداز ۾ ڪم ڪري سگهي بظاهر هڪ نيڪ عمل آهي۔ هڪ دلچسپ ڳالهه هي آهي ته سڀ کان وڌيڪ ۽ عام ٽرانسپلانٽيشن وارو انسان جو عضوو انسان جو رت آهي ڇو جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ رت کي ئي ڊونيٽ ڪيو وڃي ٿو۔ باقي ٻيا عضوا تمام گهٽ تعداد ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا مثال طور ٻئي نمبر تي ٽرانسپلانٽ ٿيندڙ عضوو انسان جي کل آهي، عمومن باهه ۾ سڙي ويل مريضن کي اسڪن ٽرانسپلانٽيشن مان تمام گهڻو فائدو پهچي ٿو۔اڄ جي دور ۾ انسان جي جسم جو هر هڪ حصو دماغ کان وٺي پيرن تائين ايتري قدر جو ڏند، هڏا ۽ وار به ٽرانسپلانٽ ٿي رهيا آهن۔ ٻاهرين ملڪن ۾ ته زنده يا مرده انسانن جا عضوا محفوّظ ڪري ضرورتمند بيمارن کي ڪنهن به وقت لڳائڻ جي سهولت به موجود آهي تقريبن دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽرانسپلانٽيشن جي ذريعي انسانن جون حياتيون بچائڻ جو عمل ڏينهن رات جاري آهي۔ قابلِ اعتراض ڳالهه جيڪا تقريبن هر عالم سڳورو ڪندو آهي، اها هي آهي ته ڪنهن مرده انسان جي جسم مان ڪو به عضوو ڪڍڻ در حقيقت ان مرده انسان جي تذليل آهي ۽ اهڙو عمل سندس روح کي تڪليف به پهچائي ٿو۔ ان موضوع بابت مذهبي ڄاڻ نه هئڻ برابر آهي۔ هي ڪتاب ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي دوستن هڪ وڏي خير جو ڪم ڪيو آهي جيتوڻيڪ مختلف موقعن تي مختلف مذهبي ماڻهن جا خيال سامهون ايندا رهيا آهن پر ان موضوع بابت هڪ ئي هنڌ تي هر رُخ کان ڄاڻ جي ضرورت هميشه کان رهي آهي۔ تمام سٺي ونڊ۔۔۔۔هڪ نهايت اهم ۽ نازڪ موضوع تي لکيل هي ڪتاب ٽائيم ڪڍي ضرور پڙهبو ۽ اميد ته جلد ئي سنڌي ۾ به ان جو ترجمو ڪيو ويندو۔ جزاڪ الله۔
دوستو جيڪڏهن اهو ڪتاب موڪليو وڃي ته ان کي ڪمپوز ڪري سنڌسلامت رکڻ لا آ حامي ڀريان ٿو اميد ته دوست تعاون ڪندا