انساني عضون جي پيوندڪاري

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    جديد سائنس ۽ تحقيق کانپوء ڪيترن ئي ناقابل علاج بيمارين جو علاج به ممڪن ٿي پيو آهي۔ ڪيترن ئي بيمارين جهڙوڪ، بڪين ۽ جيري جي ٽرانسپلانٽيشن يا ٻيا ڪيترائي مرض۔ انهن بيمارين ۾ ڪو ٻيو ماڻهو پنهنجو عضوو بيمار کي ڏيندو آهي۔ شرعي لحاظ کان ان تي ڪافي بحث ٿيندو رهي ٿو۔ اسان جي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي ادا طاهر سنڌي کي جس هجي جنهن هن اهم مسئلي تي شرعي ۽ مذهبي حوالن سان تحقيق ڪئي آهي۔ سندس هي تصنيف اردو ۾ ڇپيل آهي ۽ اسان سڀ کيس عرض ڪنداسين ته پاڻ ان جو سنڌي ترجمو ڪندي به پيش ڪن۔

    هي ڪتاب انساني اعضاء ڪي پيوندڪاري اسانجي محترم دوست ابو واصف جن ڪمپوز ڪيو آهي۔ مصنف طاهر سنڌي اسلامي ڪلچر ۾ ايم فل آهي ۽ تحقيق سان سندن عشق آهي۔ هن کان اڳ به ڪجهه ڪتاب لکي چڪو آهي۔




     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اسلام ۾ ڪنهن به انسان جي حياتي بچائڻ جو تمام وڏو اجر آهي ايتري قدر جوڪنهن بيمار جي رڳو عيادت ڪرڻ به عين ثواب ۾ شامل آهي۔اسان سڀني کي خبر آهي ته بيمار کي آٿت ڏيڻ، سندس ڏک ونڊڻ ، کيس تڪليف ۾ صبر ڪرڻ ۽ همٿائڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي۔ جڏهن بيمار کي صرف همدردي ڏيڻ جو ايترو ثواب آهي ته سوچڻ جي ڳالهه آ ته ان جي بيماري ۾ علاج ڪرڻ يا علاج ۾ مدد ڪرڻ ڪيترو نه وڏو برڪت ۽ رحمت ڀريو عمل هوندو۔
    جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ طب ۾ انقلابي ايجادون ۽ علاج جا نوان نوان طريقا اچڻ شروع ٿيا ته گڏوگڏ مختلف انسانن جي وچ ۾ عضون جي مٽا سٽا تي به تحقيق ٿيڻ لڳي ۽ اهو مشاهدو ڪيو ويو ته عضون جي تبديلي سان ڪيترن ئي انسانن جي حياتي بچائڻ ممڪن آهي۔ اهڙا انسان جن جا عضوا لاعلاج بيماري جي ڪري هميشه لا خراب ٿي چڪا هئا اهي جڏهن ٽرانسپلانٽ جي عمل مان گذريا ته حيرت انگيز طور تي صحتمند ٿي ويا۔ ڪيترن ئي موقعن تي ڪنهن بيمار انسان جي خراب عضوي جي جڳهه تي صحتمند انسان کان ورتل عضوو يا ان جو ڪجهه حصو استعمال ڪرڻ سان غير يقيني حد تائين فائيدو پهتو۔
    وقت گذرڻ سان گڏ ٽرانسپلانٽيشن جي سلسلي ۾ ترقي ٿيندي رهي ۽ اهو علاج جو طريقو غير مسلم ملڪن کان مسلم ملڪن تائين به پهتو۔ پر بد قسمتي سان هن علاج سان گڏ هڪ اڻ کُٽندڙ بحث جي شروعات به ٿي وئي۔ اڄ به اسان جي ذهنن ۾ اهو ئي سوال آهي ته ڇا ٽرانسپلانٽيشن اسلام ۾ جائز آهي ۔۔۔؟؟؟
    انساني جسم جي صحتمند عضون کي ڪنهن بيمار کي ان نيت سان ڏيڻ ته سندس بيماري جي تڪليف ختم ٿي سگهي ۽ جسم جو اندروني يا بيروني نظام به ان ڏنل عضوي جي مدد سان درست انداز ۾ ڪم ڪري سگهي بظاهر هڪ نيڪ عمل آهي۔ هڪ دلچسپ ڳالهه هي آهي ته سڀ کان وڌيڪ ۽ عام ٽرانسپلانٽيشن وارو انسان جو عضوو انسان جو رت آهي ڇو جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ رت کي ئي ڊونيٽ ڪيو وڃي ٿو۔ باقي ٻيا عضوا تمام گهٽ تعداد ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا مثال طور ٻئي نمبر تي ٽرانسپلانٽ ٿيندڙ عضوو انسان جي کل آهي، عمومن باهه ۾ سڙي ويل مريضن کي اسڪن ٽرانسپلانٽيشن مان تمام گهڻو فائدو پهچي ٿو۔اڄ جي دور ۾ انسان جي جسم جو هر هڪ حصو دماغ کان وٺي پيرن تائين ايتري قدر جو ڏند، هڏا ۽ وار به ٽرانسپلانٽ ٿي رهيا آهن۔ ٻاهرين ملڪن ۾ ته زنده يا مرده انسانن جا عضوا محفوّظ ڪري ضرورتمند بيمارن کي ڪنهن به وقت لڳائڻ جي سهولت به موجود آهي تقريبن دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽرانسپلانٽيشن جي ذريعي انسانن جون حياتيون بچائڻ جو عمل ڏينهن رات جاري آهي۔
    قابلِ اعتراض ڳالهه جيڪا تقريبن هر عالم سڳورو ڪندو آهي، اها هي آهي ته ڪنهن مرده انسان جي جسم مان ڪو به عضوو ڪڍڻ در حقيقت ان مرده انسان جي تذليل آهي ۽ اهڙو عمل سندس روح کي تڪليف به پهچائي ٿو۔ ان موضوع بابت مذهبي ڄاڻ نه هئڻ برابر آهي۔ هي ڪتاب ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي دوستن هڪ وڏي خير جو ڪم ڪيو آهي جيتوڻيڪ مختلف موقعن تي مختلف مذهبي ماڻهن جا خيال سامهون ايندا رهيا آهن پر ان موضوع بابت هڪ ئي هنڌ تي هر رُخ کان ڄاڻ جي ضرورت هميشه کان رهي آهي۔
    تمام سٺي ونڊ۔۔۔۔هڪ نهايت اهم ۽ نازڪ موضوع تي لکيل هي ڪتاب ٽائيم ڪڍي ضرور پڙهبو ۽ اميد ته جلد ئي سنڌي ۾ به ان جو ترجمو ڪيو ويندو۔ جزاڪ الله۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مهرباني ادا قريشي صاحب...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين ونڊ آهي ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    ڏاڍي ڪارائتي ۽ وقتائتي ڪوشش آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    دوستو جيڪڏهن اهو ڪتاب موڪليو وڃي ته ان کي ڪمپوز ڪري سنڌسلامت رکڻ لا آ حامي ڀريان ٿو اميد ته دوست تعاون ڪندا
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين شيخ صاحب ڪهڙي ڪتاب جي ڪمپوزنگ جي اوهان ڳالھ پيا ڪريو؟ مهرباني ڪري ٿوري وضاحت ڪندا!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    ادا طاهر ۔۔۔۔ سائين اوهان جي ئي ڪتاب جي سنڌي ترجمي جي ڪمپوزنگ جي ڳالهه پيو ڪري
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو