هڪڙا هيا سونارا جنهن بادشاه کي چيو ته توهان اسان کي سون هيرا جواهر ۽ موتي ڏيو ته اسان توهان کي انهن مان هڪ اهڙو لباس ٺاهي ڏيون جنهن کي فقط حلال زاده ئي ڏسي سگهن ٿا بادشاه ٻاهران آيل سونارن جي خوشي سان پيشڪش قبول ڪئي ۽ سڀ قيمتي مال ميڙي ڏنائين سونارا مال ميڙي ڪنهن مڪان جي طرف هليا ويا ۽ جتي وڃي ڪم شروع ڪيائون ڪجھ ڏينهن کان بعد بادشاه وزير کي ڪم جي جانچ لاءِ موڪليو وزير جڏهن انهيءَ مڪان تي پهتو سونارن کي ڏٺائين ته سونارا اهڙي نموني هٿ هلائي رهيا هئا جهڙو واقعا لباس سبي رهيا هجن وزير پنهنجي حلال زاده هجڻ جو ثبوت ڏيندي انهن کي ڪم تي شاباس ڏنائين ۽ بادشاه کي به لباس جي جلدي تيار ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌايائين لباس ٺهي تيار ٿيو، ته لباس پارائڻ جي جلسي جو انتظام ڪيو ويو تاڪه سڀ بادشاه جو عجيب لباس ڏسڻ اچن بادشاه کي ڪنهن مٿاهين مڪان تي بيهاري ان جو اصل لباس لاٿو ويو ۽ سونارن هٿن جي اشارن جي وڏي مهارت سان بادشاه کي نئون لباس پارايو سڀني وزيرن مشيرن حلالي هجڻ جو ثبوت ڏيندي تاڙيون وڄائي بادشاه کي مبارڪون ڏنيون پر انهي جلسي ۾ هڪ معصوم ٻار بيٺو هو جنهن پنهنجي ماءُ کان پڇو ته امان بادشاه کي اگهاڙو ڇو ڪيو ويو آهي اها ڳاله سڀني جي واتان نڪرڻ لڳي تان جو سڀ چوڻ لڳا ته بادشاه کي ننگو ڇو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سونارا سڀ مال ميڙي پنهنجي ماڳ تي پهچي چڪا هيا دوستو : هن قصي مان توهان ڪهڙو پيغام سمجهو ٿا ؟ پيغام لکي اسان جي حوصله افزائي ڪندا. مهرباني sindhsalamatsaathsal
جواب: بادشاه ۽ سونارا ادا فقير بخت سائين، ڪافي ڏينهن کانپوءِ منهن ڏيکارڻ جي مهرباني ۔۔۔ دوست اوهانجو ليک انتهائي ڳوڙهو آهي ۔۔۔ فقيراڻيون ڳالهيون آهن فقير سمجهن ۔۔۔ باقي پاڻ صرف اهو چونداسون ته؛ ” جت لوڀي هجن ات ٺوڳي بک نه مرن“ بادشاه سلامت جي ڪم عقلي ظاهر پئي ٿئي ته هو اهڙن ٺڳن جي ڳالهه تي ڀروسو ڪري ٿو ۔۔۔ صرف ان لالچ تي ته کيس حلالزاده ڏسي سگهندا ۽ کيس اها خبر پوندي ته سندس ساٿ ۾ حلال زاده ڪير آهن؟ باقي ته ادا جهڙو هو بادشاه اهڙا ئي وزير ۔۔۔ وزيرن بادشاه آڏو پاڻکي حلال زادي ثابت ڪرڻ لئه ڪوڙ جو آسرو ورتو جڏهن ته بادشاه ويچارو ته پنهنجا ڪپڙا به لهرائي چڪو هو ۔۔۔ اوهانجي ان ڳالهه مان ڏوهه ڪنهنکي ڏجي؟ بادشاه کي يا وزيرن کي ۔۔۔؟؟؟ جهڳو ئي جهڻ آهي ۔۔۔ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal