فقير بخت شر
سينيئر رڪن
هڪڙا هيا سونارا جنهن بادشاه کي چيو ته توهان اسان کي سون هيرا جواهر ۽ موتي ڏيو ته اسان توهان کي انهن مان هڪ اهڙو لباس ٺاهي ڏيون جنهن کي فقط حلال زاده ئي ڏسي سگهن ٿا بادشاه ٻاهران آيل سونارن جي خوشي سان پيشڪش قبول ڪئي ۽ سڀ قيمتي مال ميڙي ڏنائين سونارا مال ميڙي ڪنهن مڪان جي طرف هليا ويا ۽ جتي وڃي ڪم شروع ڪيائون ڪجھ ڏينهن کان بعد بادشاه وزير کي ڪم جي جانچ لاءِ موڪليو وزير جڏهن انهيءَ مڪان تي پهتو سونارن کي ڏٺائين ته سونارا اهڙي نموني هٿ هلائي رهيا هئا جهڙو واقعا لباس سبي رهيا هجن وزير پنهنجي حلال زاده هجڻ جو ثبوت ڏيندي انهن کي ڪم تي شاباس ڏنائين ۽ بادشاه کي به لباس جي جلدي تيار ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌايائين لباس ٺهي تيار ٿيو، ته لباس پارائڻ جي جلسي جو انتظام ڪيو ويو تاڪه سڀ بادشاه جو عجيب لباس ڏسڻ اچن بادشاه کي ڪنهن مٿاهين مڪان تي بيهاري ان جو اصل لباس لاٿو ويو ۽ سونارن هٿن جي اشارن جي وڏي مهارت سان بادشاه کي نئون لباس پارايو سڀني وزيرن مشيرن حلالي هجڻ جو ثبوت ڏيندي تاڙيون وڄائي بادشاه کي مبارڪون ڏنيون پر انهي جلسي ۾ هڪ معصوم ٻار بيٺو هو جنهن پنهنجي ماءُ کان پڇو ته امان بادشاه کي اگهاڙو ڇو ڪيو ويو آهي اها ڳاله سڀني جي واتان نڪرڻ لڳي تان جو سڀ چوڻ لڳا ته بادشاه کي ننگو ڇو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سونارا سڀ مال ميڙي پنهنجي ماڳ تي پهچي چڪا هيا
دوستو : هن قصي مان توهان ڪهڙو پيغام سمجهو ٿا ؟ پيغام لکي اسان جي حوصله افزائي ڪندا. مهرباني
sindhsalamatsaathsal
دوستو : هن قصي مان توهان ڪهڙو پيغام سمجهو ٿا ؟ پيغام لکي اسان جي حوصله افزائي ڪندا. مهرباني
sindhsalamatsaathsal