ادب، شاعري ۽ علمِ عروض

'مقالا' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    ادب ڇا آهي؟
    دنيا جي مڙني علمن ۽ فنن جو سرچشمو يونان ئي آهي، ادب جا جيڪي اصول افلاطون ۽ ارسطوءَ جوڙيا، صديون گذرڻ باوجود به اڄ جو شارح انهن جي چوگرد ئي ڦري ٿو. افلاطون پنهنجي ڪتاب Republic ۾ لکي ٿو، ” علم ادب هڪ ڌوڪو آهي، شاعري سڀني ڪوڙن جي ماءُ آهي ۽ شاعر اخلاق جو دشمن آهي.“ ارسطوءَ پنهنجي استاد افلاطون جي مٿين اعتراضن جا دل کولي جواب ڏنا ۽ چيو ته تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي، جنهن جو مقصد دل جي تفريح آهي.
    خليفي مامون رشيد جي دور ۾ يوناني علمي خزانو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ ائين اهو فڪر عربن تائين پهتو، عربن ادب جا ٻه قسم بيان ڪيا، هڪ الهامي ۽ ٻيو مدرسن مان حاصل ڪيل ۽ تشريح هن طرح ڪئي،” اهو علم ، جو انسان جي دل ۽ ذهن کي وڌائي ، خيالن ۾ بلندي، نزاڪت ۽ قلب ۾ خوشي ۽ سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ، ان کي ادب چئبو آهي.“
    يورپ جي نظر وري مختلف آهي، يورپي عالمن جي راين ۾ تضاد ضرور آهن پر ادب جي حقيقي وضاحت ضرور ملي ٿي. ”ادب انساني زندگيءَ جي تنقيد ۽ ان جو تفسير آهي.“ ميٿيو آرنولڊ
    ” قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو.“ ميلڪن
    ” ادب به هڪ تاريخ آهي.“ هيگل
    ” اها تمام معلومات جيڪا ڪتابن مان حاصل ٿئي، اها ادب آهي.“ آرنولڊ سڪورسس
    ” لائق مردن ۽ عورتن جي لکيل احساسن ۽ خيالن کي اهڙي نموني سان ترتيب ڏيڻ ، جو پڙهندڙ کي خوشي حاصل ٿئي، ادب آهي.“ بروڪ
    علامه آءِ آءِ قاضي مطابق ”ادب“ لفظ دب ماب ورتل آهي، جو مطلب آهي ” پٽ تي ريڙهيون پائڻ“ لغت جي لحاظ کان معنى ، ” ريڙهيون پائيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ.“ سنڌي اصطلاحي معنى ۾ ” اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻڻ.“ ۽ ماضي ۾ اهو فن سيکاريندڙ استاد کي اديب چئبو هو.
    نتيجي طور اسان چئي سگهون ٿا ته ادب انهي علم جو نالو آهي، جنهن مان اسان کي روحاني آرام ۽ خوشي حاصل ٿئي.
    بنيادي طور ادب جا ٻه قسم آهن. 1. نثر 2. نظم
    نثر ۾ هر قسم جو مضمون لکي سگهجي ٿو. نظم جي مقابلي ۾ وڌيڪ آساني سان لکيو وڃي ٿو ڇو جو نثر ۾ علم العروض ، ڇند وديا، وزن بحر ۽ ماترائن جي پابندي بلڪل به ناهي. نثري صنفن ۾ تاريخ، ڪهاڻي، مضمون، ڊراما، قصا، ناول، آکاڻِي، لغت، خط، دستاويز، ڪورٽن جا فيصلا، بيان ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل آهي.
    نظم جي لغوي معنى آهي پوئڻ. مصرعه ۾ مقرر ڪيل وزن جي ڌاڳي ۾ لفظن کي پوئڻ جو نالو نظم آهي. نظم جون صنفون، غزل، گيت، بيت، وائي، ڪافي، سانيٽ، نظم، ڇتارو، مولود، حمد، نعت، مدح، مناجات وغيرهه آهن.
    شاعري ڇا آهي؟
    دنيا جون سڀ قومون قبولن ٿيون ته شاعري تڏهن کان آهي، جڏهن کان انساني جذبات جي شروعات ٿي. شعر جي تاريخ جا پيرا به يونان طرف وڃن ٿا. يوناني فيلسوفن جو چوڻ آهي ته شعر خيالي ڳالهيون آهن.
    هندن جو رايو: ويد قديم آهن ۽ اهي شاعري يا نظم آهن.
    يهودين جو رايو: حضرت دائود جو زبور دعائن ۽ گيتن جو نظم ٿيل مجموعو آهي.
    مسلمانن جو رايو: ڪجهه مسلمان پڻ ان خيال جا آهن ته قران ۾ پڻ نظم موجود آهي. ٻيو خيال اهو آهي ته حضرت آدم عه هابيل جي قتل تي ڏک ۾ شعر پڙهيو، جيڪو سرياني ٻوليءَ ۾ هيو ۽ بعد ۾ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، ان کي دنيا جو پهريون شعر چيو وڃي ٿو.
    شاعري شعر جو جمع آهي ۽ شعور مان ورتل آهي. شعور، شاعر ۽ شاعري ٽئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن. اهو شعور الهام جي صورت ۾ خالق پنهنجي بندي ڏي موڪلي ٿو. ان الهام جي سرمستيءَ ۾ ئي مولانا رومي بي اختيار فرمائي ٿو، ” شاعري جزويست از پيغمبري“ يعنى شاعري به نبوت جو هڪڙو جزو آهي.
    ارسطو جي مذهب ۾ شعر کي هڪ قسم جي مصوري يا نقالي سڏيو ويو آهي. ڀلي افلاطون شاعريءَ ۽ شاعر جو مخالف هجي، ڀلي اهو پنهنجي خيالي رياست ۾ شاعرن کي نيڪالي ڏي پر شعر جي اثر کان ڪوبه شخص انڪار ڪري نٿو سگهي. شعر پاڻ ۾ سمايل ڏک يا خوشي، جوش جذبي يا بيدليءَ جو اثر ضرور ٻڌندڙ تي ڇڏي ٿو. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي.
    شاعريءَ جو سماج تي اثر؛
    شاعر پنهنجي شعر ۾ لفظن جو اهڙو ته جادو ٿو پوئي ڇڏي جو اهو تاريخ جو رخ ئي بدلي ٿو وجهي، يورپ ۾ سياسي مشڪلات جي وقت، آڳاٽي وقت کان شعر کي، قوم جي ترغيب ۽ جوش ڏيارڻ جو هڪ زبردست اوزار سمجهيو ويندو آهي.
    هڪ زماني ۾ ايٿنز ۽ مگارا وارن جي وچ ۾ سيلمس ٻيٽ تان لڙائي لڳي، ان ۾ ايٿنز وارن شڪستون پئي کاڌيون، نيٺ جنگ تان هٿ کڻي اهو قاعدو پاس ڪيو ويو ته جيڪو به ٻيهر وڙهڻ لاءِ چوندو يا ان ڳالهه جو ذڪر به ڇيڙيندو ان کي قتل ڪيو ويندو. ان وقت ان ڏرتيءَ ڄائو مشهور شاعر سولن جيئرو هو، ان کي غيرت آئي، هو بناوٽي چريو ٿي پيو ۽ شعر لکي شهر جي ماڻهن کي پڙهي ٻڌائڻ لڳو، ماڻهن ۾ ايترو جوش پيدا ٿيو جو وري گڏ ٿيا، دشمن سان وڙهيا ۽ سيلمس فتح ڪيائون.
    لارڊ بائرن جو هڪ مشهور نظم ” چائلڊ هيرلڊ پلگرميج“ آهي، جنهن جي هڪ ڀاڱي ۾ فرانس، انگلينڊ ۽ روس کي غيرت ڏياري اٿس ۽ يونانين کي ترڪن جي غلامي مان آزاد ٿيڻ لاءِ ڀڙڪايو اٿس، بائرن جي نظم جي سڄي يورپ ۾ ڌوم مچي وئي ۽ يونين بغاوت ڪري ترڪن کان آزادي ورتي.
    ايراني شاعر رودڪي جو قصو مشهور آهي ته امير نصر بن احمد ساساني خراسان فتح ڪرڻ بعد هرات ۾ رهي پيو ۽ بخارا موٽڻ جو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيو هئائين، امير امرا تنگ ٿي پيا. نيٺ رودڪي هڪ قصيدو لکيو، شاهه کي راڳ روپ جي وقت پڙهي ٻڌايائين، ان جو اهڙو اثر ٿيس جو ان مهل ئي گهوڙي تي چڙهي لشڪر سان گڏ روانو ٿيو.
    جنگ جي ميدان ۾ پڻ ملڪي حب سان سرشار شاعري پڙهي جنگ وڙهندڙ سپاهين جي دلين ۾ وطن لاءِ قربان ٿيڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو آهي.
    شيڪسپيئر جي نظمي ناٽڪن کي پڻ بائيبل جي برابر سمجهيو ويندو آهي. مختصر ته شعر پنهنجي جوهر ۾ سماج تي ڀرپور اثر ڇڏي ٿو ۽ ان جي سببان سماج ۾ تبديليون پڻ اچن ٿيون.
    شعر کي پرکڻ جو علم:
    سرود ۽ راڳ شاعري جي جان آهي، جيڪو شعر ترنم کان خالي آهي سو حقيقت ۾ شعر ناهي، شعر جي موزون هجڻ جي پرک ڪرڻ لاءِ جيڪي علم اسان وٽ موجود آهن، اهي هندي ڇند وديا ۽ علم العروض آهن. شاعريءَ جون سڀيئي صنفون يا ته هندي ڇند تي آڌاريل هونديون آهن يا علم العروض جي ارڪانن تي. هتي اسان ٻنهي تي هڪ نظر وجهون ٿا.
    هندي ڇند وديا: هندي مان مراد هي علم هندستان جي پيداوار آهي، ڇند آواز کي چئبو آهي ۽ وديا جو مطلب آهي علم، مڪمل معنى هن طرح ٿيندي ته آوازن جو هندي علم. هن علم کي هندي پنگل به سڏبو آهي. هن فن جو باقاعدهه آغاز پنگل رشي جي تصنيف ” پنگل، ڇند شاستر“ سان ٿئي ٿي. علم العروض ۾ اصول ۽ ارڪان آهن، اهڙي طرح ڇند وديا ۾ به آهن، فرق اهو آهي علم العروض ۾ اصول ثلاثي (ٽن حرفن وارا) رباعي(چئن حرفن وارا) ۽ خماسي( پنجن حرفن وارا) ٿيندا آهن، پر ڇند جا اصول هڪ حرفي۽ ٻه حرفي ٿيندا آهن. حرف جي اڪائي کي ڇند وديا ۾ ماترا چئبو آهي.، مثال: ”ا“ ۾ هڪ ماترا آهي ۽ ”آ“ ۾ ٻه ماترائون آهن. ماترا کي مت، متا، ڪل، ڪلا به چئبو آهي. ڇند ٻن قسمن جا هوندا آهن. 1. ماترائي ڇند 2. ورنڪ ڇند
    علم العروض ڇا آهي؟
    علم العروض ان علم کي چئجي ٿو، جنهن وسيلي شعر جي موزونيت ۽ جوڙجڪ بابت ڄاڻ ملي سگهي. آسان زبان ۾ ائين کڻِي چئجي ته اهو علم جنهن مان شعر جو وزن بحر معلوم ڪري سگهجي. عربستان کان شروع ٿيل هن علم جو موجد خليل ابن احمد آهي. جڏهن مڪي شريف ۾ رهندو هو تڏهن هي علم ايجاد ڪيائين، هو تمام قابل ۽ ڄاڻُو هيو پر چيو ويندو آهي ته هي علم کيس الهام ٿي آيو هو.
    جيئن هن علم جي وجود ۾ اچڻ تي اختلاف آهن تيئن هن علم جي نالي جي منسوبي پڻ مخفي رهي آهي، ان حوالي سان ڪجهه دلچسپ خيال هتي ونڊيون ٿا.
    1. خيمي جي وچ واري ڪاٺي/لڪڙو جنهن تي خيمو آڌاريل هوندو آهي ان کي عروض چيوويندو آهي، ان ڪري شعر جو توازن معلوم ڪرڻ کي ان ڪاٺيءَ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي.
    2. مڪي مڪرمه جو هڪ نالو عروض به آهي ۽ جيئن ته هي علم مڪي ۾ ايجاد ٿيو، ان ڪري عروض نالو رکيو ويو.
    3. شعر جي پهرين مصرعه جي آخري رڪن کي عروض چيو ويندو آهي. ان ڪري به نالو پيو هوندو.
    4. عروض ، عرض مان ورتل آهي ۽ هن علم لاءِ خليل بارگاهه الاهي ۾ عرض رکيو هو.
    5. عروض جي هڪ معنى ڪڪر به آهي، جبل جو لڪ به آهي، ڪنهن شِيءِ جو پاسو يا ڪنارو به آهي
    مختلف رايا آهن نالي جي حوالي سان پر وڌيڪ مستند اها لڳي ٿي ته عروض معروض مان ورتل آهي، مطلب جنهن تي دارومدار هجي ۽ شعر جو دارومدار ان جي ارڪانن جي وزن تي آهي ان ڪري هن علم جو اهو نالو رکيو ويو هوندو.
    · وزن : لغت ۾ ڪنهن شيءَ جي تورڻ کي وزن چوندا آهن، هتي وزن لفظ جي معنى ڀي تورڻ واري ئي آهي پر ماپ جو پيمانو اکرن تي مشتمل آهي، جيئن: اچ ۽ وڃ ، يار ۽ هار هم وزن لفظ آهن.
    · بحر: رڪنن جي مجموعي کي بحر چئبو آهي.
    · ارڪان رڪن جو جمع آهي، لغوي معنى اٿس ڪنهن شيءِ جو وڏو حصو.
    انهن سان شعر کي توربو آهي ۽ بحر هڪ تارازيءَ وانگر آهي جنهن جا پڙ اها شاهدي ڏيندا ته شعر انهن تڪن ماپن اندر ٺهيل آهي يا نه. ناموزون شعر جي وزن ڪرڻ لاءِ جيڪي حدون مقرر آهن تن کي ارڪان يا افاعيل ڪوٺبو آهي ۽ اهي خليل ابن احمد ڏهه تيار ڪيا پر سنڌي ۾ ڪل 8 ارڪان آهن جن مان بحر ٺاهيا ويندا آهن.
    1. فعولن 2. فاعلن 3. مفاعيلن 4. مستفعلن 5. فاعلاتن 6. مفاعلتن 7. متفاعلن 8. مفعولات
    ارڪان ڪيئن جڙندا آهن ان لاءِ اسان کي متحرڪ ۽ ساڪن آواز (اکر) سمجهڻا پوندا.
    متحرڪ: اهي اکر جن جو آواز بلڪل چٽو، صاف ۽ واضع هجي يا انهن تي پيش، زير، زبر ڇد، مد وغيرهه هجي اهي متحرڪ سڏجن ٿا.
    جيئن، عباس ...... هتي ع ب س متحرڪ آواز يا اکر آهن.
    ساڪن: اهي اکر يا حرف جن تي جزم هجي يا اچارڻ ۾ چٽا، صاف ۽ واضع نه هجن اهي ساڪن سڏبا آهن.
    جيئن، عباس....... هتي صرف ا ساڪن آهي.
    ارڪانن جي بناوت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي هيٺيان اصول پڻ سمجهڻا پوندا.
    1. سبب لغوي معنى نوڙي
    2. وتد لغوي معنى ميخ يا ڪوڪو
    3. فاصلا لغوي معنى ٿنڀو
    سبب ٻه حرفي ڪلمي کي چئبو آهي مثال، اڄ، اچ، دل، ٺا
    ان جا ٻه قسم آهن.
    سبب خفيف، اهو ٻن اکرن وارو لفظ جنهن جو پهريون اکر متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن هجي، جيئن ، ڀل، دل، ڏي، ها
    سبب ثقيل، اهو ٻن اکرن وارو لفظ جنهن جا ٻئي اکر متحرڪ هجن. جيئن، دمُ، ڪپُ
    وتد ٽن حرفن واري ڪلمي کي چئبو آهي مثال، اهو، مال، سال، گلن
    ان جا به ٻه قسم آهن.
    وتد مجموع، جنهن جا پهريان ٻئي اکر متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، جيئن، چمن، امن
    وتد مفروق، جنهن جو پهريون ۽ ٽيون اکر متحرڪ ۽ وچون ساڪن هجي، جيئن، سال، مال، حال
    فاصلا جا به ٻه قسم آهن.
    فاصلا صغرى، اهو ڪلمو جنهن جا پهريان ٽي متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، جيئن، علوي، قمري
    فاصلا ڪبرى، اهو پنجن حرفن وارو ڪلمو جنهن جا پهريان چار حرف متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، سنڌي ۾ ان جو مثال موجود ناهي.
    هاڻي اسان سڀني ارڪانن جا اصول معلوم ڪنداسين:
    1. فعولن فعو (وتد مجموع) لن (سبب خفيف)
    2. فاعلن فا (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)
    3. مفاعيلن مفا (وتد مجموع) عي (سبب خفيف) لن(سبب خفيف)
    4. فاعلاتن فا (سبب خفيف) علا (وتد مجموع) تن (سبب خفيف)
    5. مستفعلن مس (سبب خفيف) تف (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)
    6. مفاعلتن مفا (وتد مجموع) عل (سبب خفيف) تن (سبب خفيف)
    7. متفاعلن مت (سبب خفيف) فا (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)
    8. مفعولات مف (سبب خفيف) عو (سبب خفيف) لات (وتد مفروق)


    بحر لفظ جي لغوي معنى آهي سمنڊ يا درياءُ، علم العروض ۾ مقرر ڪيل حدن جي تڪن کي بحر چئبو آهي، جنهن سان شعر جو وزن پورو بيهاريو وڃِي. بحرن جا ٻه قسم ٿيندا آهن. سالم ۽ غير سالم
    سالم بحر اهي آهن جن جا سڀ رڪن پوري طرح ثابت ڪم آيل هجن ۽ ڪابه ڪٽ ٽڪ نه ٿيل هجي.
    غير سالم جنهن جي رڪن مان ڪو حرف گهٽ ڪيل يا وڌايل هجي، جيئن مفاعيلن جو بحر هزج جو هڪ رڪن آهي ان جو پڇاڙي وارو نون ڪڍي ڇڏبو ته مفاعيل ٿي پوندو يا ان نون جي اڳيان الف وڌيڪ رکبو ته مفاعيلان ٿي پوندو، ان وڍٽڪ جي ڪري اهو غير سالم بحر ٿي پوندو.
    ڪل مشهور بحر 19 آهن. جن مان 15 خليل ابن احمد تيار ڪيا، 3 بحر ايراني عالمن ايجاد ڪيا ابوالحسن هڪ بحر تيار ڪيو.
    پنج بحر طويل، مديد، بسيط، وافر ۽ ڪامل فقط عربيءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن.
    ٽي بحر جديد. مشاڪل ۽ قريب عجمين جا بحر آهن.
    سنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ بحرن جو تعداد گهٽجي ويو آهي.
    هڪ رڪن مان ٺهندڙ بحر
    1. بحر هزج (مفاعيل اٺ ڀيرا)
    2. بحر رمل (فاعلاتن اٺ ڀيرا)
    3. بحر تقارب (فعولن اٺ ڀيرا)
    4. بحر رجز(مستفعلن اٺ ڀيرا)
    5. بحر متدارڪ ( فاعلن اٺ ڀيرا)
    6. بحر ڪامل( متفاعلن اٺ ڀيرا)
    7. بحر وافر(مفاعلتن اٺ ڀيرا)
    اٺن رڪنن مان 7 بحر تيار ڪيا ويا باقي بچو هڪڙو يعنى مفعولات ان مان مرڪب بحر ٺاهينداسين.
    8. بحر بسيط(مستفعلن فاعلن چار ڀيرا)
    9. بحر طويل ( فعولن مفاعيلن چار ڀيرا)
    10. بحر مديد (فاعلاتن فاعلن چار ڀيرا)
    11. بحر مجتث( مستفعلن فاعلاتن چار ڀيرا)
    12. بحر مضارع( مفاعيلن فاعلاتن چار ڀيرا)
    13. بحر مقتضب( مفعولات مستفعلن چار ڀيرا)
    14. بحر منسرخ ( مستفعلن مفعولات چار ڀيرا)
    15. بحر جديد ( فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن ٻه ڀيرا)
    16. بحر خفيف (فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن ٻه ڀيرا)
    17. بحر سريع( مستفعلن مستفعلن مفعولات ٻه ڀيرا)
    18. بحر قريب ( مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن ٻه ڀيرا)
    19. بحر مشاڪل (فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن ٻه ڀيرا)

    اسان جا سنڌي شاعر رڳو 12 بحرن ۾ غزل لکندا آهن ۽ انهن ۾ زحاف ڪتب آڻي ڪيترائي ٻيا وزن جوڙي ورتا اٿن اهڙا تجربا شيخ اياز جي غزلن ۾ ملن ٿا.

    تقطيع ڇا آهي؟
    لغوي معنى آهي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ يا وڍڻ. علم عروض جي اصطلاح ۾ شعر جي سٽ کي ٽڪرن ۾ ورهائي بحر معلوم ڪرڻ. ان کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي قافيي يا لفظن جي بيهڪ جو خيال ناهي رکڻو پر ساڪن ۽ متحرڪ آوازن کي سڃاڻي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته ڪهڙو حرف ساڪن آهي ۽ ڪهڙو متحرڪ. ان کان پوِءِ وتد مجموع ۽ سبب خفيف کي ملائي رڪن معلوم ڪريو ۽ اصل بحر ڪڍي وٺو.

    علم عروض هڪ هنر، فن ۽ ٽيڪنڪ ئي آهي، جنهن کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ۽ ٻين کي پڻ سمجهائي سگهجي ٿو. شعر ۾ موسيقيت پيدا ٿئي ٿي جنهن ڪري ان شعر کي آرام سان ترنم ۾ ڳائي شعر جي فڪر جي گهرائي ۾ لهي وڃي سگهجي ٿو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ليک ۽ نون سکندڙن لاء خوبصورت ادبي اضافو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    مهرباني سليمان وساڻ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    اسان وٽ آسان طريقي سان علم عروض سيکارڻ جي روايت الائي ڇو ناهي؟ استاد هميشه ”استاد“ ئي رهڻ گهري ٿو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    تمام بهترين ليک آهي،۽ خاص ليک آهي
    ادب جي شاگردن لئه۔۔۔۔
     
  6. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    ڪوشش ڪئي اٿم ته آسان ۽ سولي نموني سمجهائي سگهان۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سٺي ڪوشش آهي ۔
     
  8. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    ونڊڻ جوڳو لڳي ته ادب جي شاگردن سان ونڊ ڪريو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    واھ، سائين تمام ڪارائتي ونڊ۔
     
  10. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    سنڌي ڪلاسيڪي صنف وائي تي مضمون لکي رهيو آهيان جلد اهو به ونڊ ڪبو۔
     
  11. اشرف علي مهر

    اشرف علي مهر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سائين عباس ڪوريجو صاحب مان هڪ نئون رڪن آهيان ۽ شاعري ۾ اڃان ھاڻي قدم رکيو آهي ادا مونکي سنڌي عروض جي ڪتاب جي تلاش آهي ڪٿان ملندو سر۔
     
  12. علي اصغر انڙ

    علي اصغر انڙ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2020
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سائين شاعري جي دنيا ۾ ھاڻي قدم رکيو اٿم
    ھتي اھڙو علم سيکارڻ وارو ڪو استاد سجي ئي نٿو
    سائين جيڪڏھن علم العروض جو ڪتاب ملي وڃي ته وڏي مھرباني ٿي سگھي ته ميل ڪندا ته ٿورائتا رھنداسين
    asgharaliunar1@gmail.com
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو