هاڻي مڪمل ڪمپيوٽر سنڌيءَ ۾

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    [​IMG]
    عباس ڪوريجو/ حيدرآباد


    اهو پڙهي توهان حيران ٿيندا ته وندوز 8 آڻڻ جو پروگرام ونڊوز 7 کان پهرينءَ جو هيو، ونڊوز 7 ان جو اڳواٽ تيار ڪيل چڪاس نمونو آهي. وندوز سيون 22 جولاءِ 2009 تي اهو سوچي رليز ڪئي وئي ته اها مارڪيٽ ۾ پنهنجو ڪيترو مقام ٺاهي ٿي ۽ تنهن بعد مائڪرو سافٽ وارن جو نئون ڌماڪو ونڊوز 8 جي صورت ۾ رليز ٿيڻو هو. مائڪرو سافٽ پاران ونڊوز 8 جي انقلابي آپريٽنگ سسٽم جي اچڻ کان پهرين انهن سڀني پراڻن آپريٽنگ سسٽمن ۾ موجود نقصن جي شڪايتن، راين، تجويزن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي اوزارن جي سپورٽ سان گڏوگڏ اهو پڻ خيال ۾ رکيو ويو ته نئون آپريٽنگ سسٽم دورِ حاضر جي مڙني گهرجن کي به ضرور پورو ڪري.


    وندوز 8 لاءِ جيئن ته مون بڌايو ته ونڊوز 7 کان پهرين ئي ڪم شروع ڪيو ويو هو، ان جو اعلان ڪمپنيءَ مختلف
    shows ۾ پڻ ڪري چڪي هئي، ان جا شروعاتي 3 ورشن چڪاس لاءِ رليز ڪيا ويا ۽ آخرڪار 26 آڪٽوبر 2012 تي ونڊوز 8 کي مارڪيٽ ۾ عام استعمال لاءِ رليز ڪيو ويو. ونڊوز 8 جي اچڻ کان پهرين ڪمپيوٽر مارڪيٽ توڙي سماجي ميڊيا تي اهي شوشا زور وٺڻ لڳا ته ونڊوز 8 اڄ تائين آيل سڀني آپريٽنگ سسٽمس ۾ ڏکيو ترين هوندو ڇو جو ان ۾ نه ته start مينيو جو بٽڻ آهي ۽ نه ئي وري minimizeڪرڻ يا shut down ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، جڏهن ونڊوز 8 جا چڪاسي ورشن رليز ٿيا ته ان ۾ موجود TILES سسٽم ڏسي دنيا جا سڀئي ڊولپر دنگ رهجي ويا ۽ جڏهن عام استعمال ڪندڙ تائين هي آپريٽنگ سسٽم پهتو ته ان جي آسان، عام فهم ۽ سولي ترين انٽرفيس کي ڏسي دنيا دنگ رهجي وئي.
    ونڊوز 8 جتي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ نوان انقلاب آندا اتي دنيا جي ججهي تعداد ۾ ٻولين لاءِ لينگئيج پيڪ پڻ تيار ڪيا، جيڪي هن آپريٽنگ سسٽم جي مڪمل انٽرفيس کي ان ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا.
    لينگئيج پيڪ ڪيئن انسٽال ڪري اسان پنهنجي ڪمپيوٽر کي سنڌي انٽرفيس ۾ آڻي سگهون ٿا ، ان کان پهرين ان جدوجهد پٺيان جيڪو پسمنظر آهي، ان جو جائزو پڻ وٺون. مائڪرو سافٽ پاران پاڻمرادو سنڌي سپورٽ، سنڌي لينگئيج ڪي بورڊ، سنڌي فونٽس، سنڌي انٽرفيس يا سنڌيءَ کي يونيڪوڊ ۾ شامل ڪرڻ جو ڪم ناهي ڪيو ويو پر ان جي پس منظر ۾ هڪ اڻ اعلانيل ادارو آهي، جنهن جو نالو سنڌي ڪمپيوٽنگ آهي.

    سنڌي ڪمپيوٽنگ ڇا آهي؟

    سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي
    استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي. محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ٻڌائي ٿو ته سن 2000ع ۾ تقريبًا ڇهن مهينن جي لڳاتار محنت کانپوءِ جڳ مشهور ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز) ٺاهيندڙ ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقه شعبي جي سربراه پال نيلسن سان روبرو ميٽنگن، توڙي ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، آئون مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايم ۽ سنڌيءَ کي سهڻا ۽ معياري فونٽ ڊزائن ڪيم، ته جيئن ٻوليءَ جي لکت کي جيترو ممڪن هجي خوبصورت بڻائي سگھجي.

    اهڙي طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21 هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي اهليت آساني سان شامل ڪري، تقريبًا هر اهو ڪم ڪري ٿي سگھيا، جيڪو ان کان اڳ ۾ صرف انگريزي ۽ ٻين ترقي يافته ٻولين ۾ ممڪن هو
    . سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جنهن وٽ ڪمپيوٽر جي ڪابه ڊگري ناهي تنهن هوندي به اڪيلي سر پاڻ هڪ اڻ اعلانيل تنظيم بڻجي هڪ سٿ تيار ڪيو، جنهن سٿ اڳتي هلي قران مجيد جو سنڌي ترجمو، شاهه جو رسالو، سچل جو رسالو، سوين سنڌي اي بوڪس، سوين سنڌي لکت جا نمونا (فونٽس)، سنڌي ويب سائيٽون، فورم، بلاگ جوڙي پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.

    سنڌي ڪمپيوٽنگ سٿ جا ڪجهه مول متا:
    § سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
    § موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
    § سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
    § سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ
    § ۽ اڄ ان اڻ اعلانيل تنظيم ۽ سرواڻ سائين عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جي محنتن رنگ لاتو آهي ۽ مان هتي اها خوشخبري شبير ڪنڀار جي لفظن ۾ ئي اوهان سان شيئر ڪرڻ گهران ٿو:
    “ انتهائي سرهائيءَ سان اهو ٻڌائجي ٿو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جو MB SINDHI وارو سنڌي ٻوليءَ جو لڳايل ڪمپيوٽري سَلو جوان ٿي ويو آهي جنهن جو مثال اڄ ونڊوز 8 جو انٽر فيس مڪمل طور سنڌي ٿي ويو ۽ مائڪروسافٽ سنڌيءَ کي مڪمل ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان هاڻي اسان جو ڪمپيوٽر مڪمل طور نه رڳو سنڌي لکڻ جي قابل ٿي ويو آهي بلڪہ ونڊوز جا سڀئي ڊائلاگ، پاپ اپ ونڊوز سميت پڻ سنڌي ٿي ويا آهن.توڙي جو ٻوليءَ جي لحاظ کان ان ۾ اڃا اصلاح جي ضرورت آهي، جيڪا وقت بوقت ٿيندي رهندي، پر اسان لاءِ اها بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اڄ دنيا جي ٻولين ۾ اسان جي سنڌي ٻولي پڻ پنهنجي سڀني صلاحيتن سان ڪمپيوٽر معروف آپريٽنگ نظام ونڊوز تي موجود آهي.مطلب سڀڪجھ سنڌيءَ ۾ نه رڳو لکت بلڪ ونڊوز جو سٽاءَ ساڄي پاسي وارو ٿي ويو آهي ۽ گڏو گڏ انگ توڙي ڏينهن پڻ سنڌيءَ ۾ ٿي ويا آهن، نه رڳو اهو پر مائڪروسافٽ پينٽ وغيره پڻ مڪمل سنڌيءَ ۾ آهن.هيـئن لنڪ تي وڃي لئنگويج جو پئڪ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پوءِ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر جا مزا ماڻيو، سولائيءَ سان ڪمپيوٽر کي سمجھو ۽ سهڻي سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪريو.
    هاڻي اچو ته ڏسون وندوز 8 جو مڪمل انٽرفيس ڪيئن سنڌيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿو. ان جو مرحليوار طريقو هيٺ ڏجي ٿو.
    ڪمپيوٽر جو ڪنٽرول پينل کولي، اتي Language آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ Add a Language ان کان پوءِ ڏنل فهرست مان سنڌي Arabic کي سليڪٽ ڪريو پوءِ سنڌي جي سامهون اضافي سيٽنگ ۾ وڃي لينگئيج پيڪ جي اپڊيٽ پهرين ڊائونلوڊ پوءِ انسٽال ڪريو ۽ سنڌيءَ کي Move Up ڪري انگلش جي مٿان رکو. هاڻي ڪمپيوٽر کي RESTART ڪريو....................... ۽ مزو وٺو ونڊوز 8 جو، اهو ڀي پنهنجي مٺڙِي ٻولي سنڌيءَ ۾.

    مٿي ذڪر ڪيل ڪم ايترو آسان نه هيو جيترو محسوس ٿي رهيو هوندو، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ سندس ٽيم گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ان نيڪ عمل ۾ مصروف رهيا آهن ۽ انهن جي محنتن رنگ لاتو آهي ۽ اسان سنڌيءَ ۾ مڪمل ڪمپيوٽر هلائي سگهون ٿا. نه فقط ايترو پر سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اڻ اعلانيل ٽيم عام موبائيل فون تي سنڌيءَ جي اکرن کي سولائيءَ سان پڙهي ۽ لکي سگهڻ لاءِ ڪافي عرصي کان پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪري رهي آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ڪمپيوٽنگ سٿ ۽ سائين ماجد ڀرڳڙي جي ئي ڪاوشن سبب اڄ اسان انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي هر ڪم سولي نموني پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ ڪري رهيا آهيون۔۔۔۔۔ سڄي سٿ کي واڌايون۔۔ اها هڪ خوشي واري خبر آهي ته ونڊوز هاڻي سنڌي ۾ ٿي وئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي کي سلام پيش ڪريان ٿو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    سائین عبدالماجد ڀرڳڙي جن جو سنڌي قوم تي ھڪ‎ ‎وڏو احسان آھي۔ سائین جن کي سنڌي قوم جو ھیرو چئجي تہ ان ۾‎ ‎ڪو شڪ‎ ‎نہ آھي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    اڃا منزل ناهي ماڻي جديد دور جي جديد اوزارن کي سنڌي جو روپ ڏيڻ باقي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جديد روپ ڏيڻ جي لاء اسان ۾ موجود هر سنڌي کي عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ رشيد سموڻ ٿيڻو پوند۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    توهان به گهٽ نه آهيو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين ۽ معلوماتي مضمون جنهن مان ڪافي ڄاڻ ملي ۔ نظر مان مضمون نه گذريو هو ، اڄ اپڊيٽ ٿيڻ ڪري نظر مان گذريو ، جنهن تي ساراھ نه ڪرڻ مضمون نگار جي حق تلفي جاتم ۔ لک لائق سائين !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين رحيم بخش ڏاهري صاحب۔ هي ناچيز اهڙين هستين جي اڳيان ته ڪجهه به ناهي۔
    مان ته بس هڪ حقير انسان ۽ هي ڪمپيوٽر جي دنيا جا بيتاج بادشاه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    واقعي سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ وارن کي تعريف گهربل ناهي هوندي، اهي هوندا ئي بي تاج بادشاهه آهن۔
     
  11. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي اسان سنڌي قوم جو هڪ ناياب هيرو آهي جنهن اسان کي سنڌي ڪمپيوٽر تي متعارف ڪرائي۔۔۔۔ مون جڏهن پهريون دفعو سنڌي ۾ ايپل ڪمپيوٽر ۽ ونڊوز 98 تي ڪم ڪيو هو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي۔ ان وقت مون کي اها خبر نه هئي ته سنڌي ۾ ڪمپيوٽر لکي ٿي اها سائين عبدالماجد ڀڙڳڙي جي محنت هئي۔۔ جڏهن ايم۔ بي سنڌي متعارت ٿي پو خبر پئي ته عبدالماجد نالي ڪو شخص آهي جنهن ايڪس پي ونڊوز ۾ سنڌي متعارف ڪرائي آهي۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو