ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
بلوچستان، سنڌ جي موقف جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پنجاب کي سنڌ جي پاڻي مان هڪ ڦڙو به کڻڻ جي اجازت نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جو پاڻي نظام سنڌ سان واڳيل آهي، جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي کنيو وڃي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ متاثر بلوچستان ئي ٿيندو. ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان جي آبپاشي واري سيڪريٽري چيو ته پنجاب حصي جو پاڻي کڻي چڪو آهي ۽ هاڻي کيس پاڻي نه ملندو. هن چيو ته بلوچستان، سنڌ جي موقف جي حمايت ڪري ٿو ۽ صلاحڪاري ڪميٽي ۾ به ان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلوچستان جي آبپاشي واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته پنجاب وٽ پاڻي موجود آهي، پهرين هو اهو استعمال ڪري ان کانپوءِ ٻئي پاڻي جي گهر ڪري. هن چيو ته ارسا تسليم ڪيو آهي ته بلوچستان سان زيادتي ٿي آهي، جنهن تي کين خاطري ڪرائي وئي آهي ته بلوچستان کي سندس حصي کان وڌيڪ هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
sindhsalamatsaathsal
سدائين گڏ
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
sindhsalamatsaathsal
سدائين گڏ