نظم

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    نظم


    دُک جو هيل نه ڪاٿو آ!
    ڪا رات وڃائي راهن ۾،
    ڪو ڏينهن کُٽائي رستن تي،
    بي فيض اُڃايل موٽياسين،
    سڀ خواب لُٽائي رستن تي !
    دورين جا جنازا هڪ پاسي،
    ۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي،
    احساس اندر ۾ اُجڙي ويا،
    خود دل نه رهي پنهنجي پاسي!
    هر آس ٽُٽي بي منزل ٿي،
    هوء من جي مِٽي ٿي نه سگهي،
    ويوپيار سمورو صحرا ٿي،
    هوء من جي گهِٽي ٿي نه سگهي!
    جيئن اُجرو چمڪو ڦُلڙي جو،
    تيئن ياد رهي آ دل ۾ ڪا،
    بس رات وسي ٿي نيڻن ۾ ،
    هر موسم پنهجي پن ڇڻ آ،
    بي واس اُجهاميل شامون هِن،
    هر سپنو سُڃ ۾ ڦاٿو آ،
    ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا،
    هن دُک جو هيل نه ڪاٿو آ

    ..............................................................................

    نظم ٻُڌا ستمگر!
    اڙي ستمگر ٻُڌا هي ڇا لئه،
    ائين نهارون ڇڏيون تو آهن؟
    قسم هوا جو ائين لڳي ٿو،
    اِهي ترارون ڇڏيون تو آهن،
    ڦٽي بهارون ڇڏيون تو آهن،
    گهٽي گهٽي ٿي اِهو ٻڌائي،
    هِتي نهارون ڇڏيون تو ناهن،
    هُتي نهارون ڇڏيون تو ناهن،
    گذر اسانجو جتان به آهي،
    اُتي نهارون ڇڏيون تو ناهن،
    ٿڪن کي آخر ڀڃون به ڪاٿي؟
    اڙي ستمگر وڃون به ڪاٿي؟
    ڇٽي نهارون ڇڏيون تو آهن،
    نه چاندني ۾ سُمهي سگهون ٿا،
    نه بارشن ۾ گهمي سگهون ٿا،
    ڏسائون ڀيلي ڇڏيون ٿئي جانُم،
    نه شام ويلي رُلي سگهون ٿا،
    ٻُڌا ستمگر وڃون به ڪاٿي؟
    پرهه جي پايل صفا وڍي ٿي،
    بلوري خوشبوءِ رُڳو سڏي ٿي،
    ستارا تنهجي چُني لڳن ٿا،
    اڙي ستمگر وڃون به ڪاٿي؟
    برن ۾ تنهنجي نهار آهي،
    درن۾ تنهنجي نهار آهي،
    پرن ۾ آهي لقاءُ ساڳيو،
    سرن ۾ تنهجي نهار آهي،
    اڙي ستمگر وڃون به ڪاٿي؟
    رُڳو نهارون ڇڏيون تو آهن،
    رکيون نهارون وڏيون تو آهن،
    گسن پنڌن ۾ وڃون ٿا ڦاسي،
    ايئن پکيڙيون اڏيون تو آهن،
    اڙي ستمگر نه آر ڪر تون،
    هٽاءِ پنهنجون اِهي نهارون،
    اسان تي ٿور اُڌار ڪر تون

    ..............................................................................

    اجايو جانُم
    اِهو ته سڀ آ اجايو جانُم!
    جو رات مهڪي اکيون نه اُڏرن،
    بهار هوندي نه لفظ اُڀرن!
    فجُر ننڊن جي حوالي ٻڌجي،
    گلاب مهڪن اُداس رهجي،
    نه ڳالهه ٻُڌجي نه ڳالهه چئجي!
    اِهو ته سڀ آ اجايو جانُم!
    اِهو به سڀ آ اجايو جانُم!
    هوا چپن تي حجان آڻي،
    سرءُ بدن ۾ وسارو ڇاڻي،
    اڌورو آگم ڪهاڻي بڻجي،
    تڏهن نه خوشبوءِوراڻي بڻجي،
    پکين تي آيل عذاب ڏسجن،
    دري مان بيهي عقاب ڏسجن،
    اِهو ته سڀ آ اجايو جانُم!
    اِهو به سڀ آ اجايو جانُم!
    اڱين کي ٺاهي ٽياس ڇڏجي،
    هٿن ۾ موسم نراس رکجي،
    خطن ۾ کارا سمونڊ ڀرجن،
    وچن ۾ اڌورا اڌورا ڇڏجن
    اشارو ڪنهنجو ڌڪاري ڇڏجي!
    رفاقتن کي روئاري وجهجي،
    کنوڻ جا ويهي ّخُمار پڙهجن،
    ڪنارو پنهنجو وساري ڇڏجي!
    اِهو ته سڀ آ ،اجايو جانُم

    ..............................................................................

    ٿي سگهي ٿو.....!
    ٿي سگهي ٿو،
    هي سرءُجي سادگي،
    درد کي ڇوڙي وڃي،
    خواب ڪي روڙي وڃي،
    پاڻ کي ٻوڙي وڃي،
    ٿي سگهي ٿو،
    هي هوا جي بي حسي،
    پاڻ کي ڳولي وڃي،
    ڄاڻ کي رولي وڃي،
    ۽ پرهه جي هير جهڙو،
    عشق ڇاڇولي وڃي،
    ٿي سگهي ٿو،
    هي ڪتي جي چاندني،
    گهاو ئي کولي وڃي،
    ۽ ٻٻر جي ٽارڙي تي ،
    ڪو پکي ٻولي وڃي،
    پر اسانجي دل چري،
    درد ۾ وچڙي وڃي،
    ٿي سگهي ٿو مُرڪ ڪُومل،
    ،روح کان وڇڙي وڃي،
    سڀ اسان جا ٽهڪ پاڳل،
    بارشون ڇاڻي وڃن،
    آرسين جو دلربائيون،
    بيوفا بڻجي چُڀن،
    ۽ وڇوڙي جي گهٽي ۾،
    سڀ گلابن جا گهگها،
    اجنبي بڻجي ڏسن ،
    ٿي سگهي ٿو،ٿي سگهي ٿو،
    عشق جي الزام ۾،
    پاڻ صحرا ۾ پُڄون،
    نيٺ تنها ٿي وڃون،
    وقت جي ڪنهن واءُ ۾،
    درد ڪو بڻجي اُٿون،
    ۽ سموريون موسمون،
    پاڻ کي ڇاڻي وجهن ،
    ٿي سگهي ٿو،
    پاڻ کي ٻوڙي وڃن،
    ڇونه اُن کان ڪجهه اڳي،
    نيڻ نيڻن سان گڏي،
    عشق ۾ ايڏو لهون،
    پيار ڪو ايڏو ڪيون،
    جو جسم ۽ روح ٻيئي ،
    گيت ڪو بڻجي وڃن!
    ميت ڪو بڻجي وڃن

    ..............................................................................

    ضرورت آ......!
    پرين هن زرد موسم ۾،
    لڳي ٿو ڇو الاءِ سو،
    ستارا لوچ ۾ آهن،
    پرهه جو پاند آلو آ،
    نظارا لوچ ۾ آهن ،
    الاءِ ڪنهن جي نيڻن جي،
    اشارا کوج ۾ آهن،
    اُداسي آ پٿر جهڙي،
    ڪنارن تي سِپون روئن،
    نه ڪو ڏيئو ڪٿي ٽِمڪي،
    وِيچارن ۾ ڀٽُون آهن،
    غضب جي ماٺ آ ساڳي،
    انڌيرو هانءُ ٿو ڪوري،
    غمن جي ڇاٽ آ ساڳي،
    قسم اُجري نهارن جو،
    پرين هن پنڌ ميري ۾،
    ذلالت جي ته گهيري ۾
    قسم ڪوري اشارن جو،
    گُلابي ڪن سويرن جي ،
    ضرورت آ، ضرورت آ،
    اڳي کان ڀي گهڻي هاڻي،
    گهٽين ۾ کوڙ ڇيرن جي،
    ضرورت آ، ضرورت آ،
    چون ٿا رنگ شامن جا،
    چون ٿا انگ لامن جا،
    قسم آ ذلف ڪارن جو،
    هوا جي روح آتي کي،
    بنهه تازي گلابن جي،
    ضرورت آ، ضرورت آ،
    مِٽي پنهنجي کي او ڍوليا،
    ڪنوارن انقلابن جي،
    ضرورت آ، ضرورت آ،
    قسم سانجهي ستارن جو،
    ضرورت آ، ضرورت آ
    [​IMG]
     
  2. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زبردست۔۔۔۔ پر ڏاڍو طويل آ۔
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    shal judy hujeen ادا ۽ شيئرنگ جي مهرباني مٺا

    sindhsalamatsaathsal sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو