ڪراچي ڇو سڙي رهيو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اڃا 10 محرم تي ٿيل ان آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿي ويلن جي قبر جي مٽي سڪي ناهي ته مٿان کان وري ٻيهر 20 صفر تي ٿيندڙ امام حسين ۽ ان جي ساٿين جي چاليهي جي عزاداري ۾ لاڳيتا ٻه بم ڌماڪا ڪيا ويا آهن، اهي خودڪش ڌماڪا هئا يا نه اهو سوال پنهنجي جاءِ تي پر اهي ڌماڪا 30 کان مٿي انهن معصوم ۽ بي ڏوهي ماڻهن جي جان وٺي ويا آهن، اها ڳالهه ٿوري آهي جو اسان ان بحث ۾ پئجي ٿا وڃون ته ڌماڪا خودڪش نه پر ائين ڪيا ويا يا وري جنهن صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اهي ڌماڪا ٿيا آهن اتي ويٺل سنڌ جو وڏو وزير سائين قائم علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چوي ٿو ته چاليهي واري ڌماڪن ۽ ڏهين محرم واري ڌماڪن ۾ هڪ جهڙائي آهي ۽ هي ڌماڪا ڪرڻ جي لاءِ بم اڳواٽ نصب ڪيا ويا هئا، سائين قائم علي شاهه صاحب اوهان جي ڳالهه ڀلي صحيح هجي پر خبر انهن گهر ڀاتين کان پڇو جن جا مٽ مائٽ ائين انهن جي سامهون جانورن جيان تڙپندي مري ويا آهن، پر اوهان جيڪا ڳالهه ڪيو ٿا ان مان اوهان جي حڪومت جي نااهلي ظاهر ٿي پوي ٿي، ڇو ته 10 محرم کي 40 ڏينهن گذري ويا آهن ۽ هن وقت تائين اوهان کان جوابدار گرفتا نٿا ٿين، جڏهن ته پوليس جي اعليٰ عملدارن جو چوڻ آهي ته اسان 10 محرم تي ٿيل بم ڌماڪن جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ته پوءِ انهن وٽان اها معلومات ڇو نه ورتي وئي ته اوهان جا باقي ٻيا ساٿي ڪٿي آهن ۽ جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ها ته يقينن هي ايڏو وڏ وحادثو پيش نه اچي ها ۽ 20 صفر تي روشنين جي شهر طور مشهور ٿيندڙ ان ڪراچي جي شاهراهه قائدين کي ملائيندڙ پل جي ڀرسان ساڍي ٽين وڳي نرسري وٽ ملير مان ايندڙ عزادارن جي ڀريل بس سان موٽر سائيڪل ۾ رکيل بم جو ٽڪر ٿيڻ سان 15 کان مٿي عزادارن جو شهيد ٿيڻ ۽ 50 کان مٿي زخمي هجڻ ۽ ان کان پوءِ اڃا به وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا اندر اسپتالن کي مسجدن ۽ مندرن جي حيثيت سان ڏٺو ويندو آهي پر اسان جي هن ملڪ پياري پاڪستان اندر ڪراچي شهر ۾ ان قائداعظم محمد علي جناح جي نالي سان جوڙيل جناح اسپتال ۾ ٻيو بم ڌماڪو اسپتال جي پارڪنگ ۾ ايمرجنسي وارڊ سامهون ٿيو جتي زخمين کي داخل ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ 14 کان مٿي عزادار شهيد ۽ 70 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا، هي ڪا ٿوري ڳالهه ناهي ۽ ائين هڪ ٻئي جي پويان ٿيل بم ڌماڪا ائين ناهن ٿيا هن جي پويان ڪجهه اهڙا هٿ لڪيل آهن جن جو ڪو نه ڪو مقصد ضرور آهي.

    ڇو ته ائين ڪراچي اندر هڪ ٻئي جي پويان لاڳتو ٻه بم ڌماڪن جو ٿيڻ ڪافي اهڙن سوالن کي جنم ڏئي ٿو جنهن جي جوابن کي اهو ماڻهو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو جنهن وٽ ٿوري يا گهڻي سمجهه هوندي، ڇو ته اهڙيون ڪافي ڌريون موجود آهن جيڪي موجوده حڪومت مان خوش ناهن، پر انهن ڌرين جو بي ڏوهي ۽ معصوم ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، ڇا هي مسلمانيت آهي منهنجي سوچ ۾ ته اهڙا واقعا ڪندڙ انسانيت مٿان به داڳ آهن ۽ اهي ڌريون جيڪي صرف پنهنجي ڪجهه ڪرسي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جو ائين خون وهائن ٿيون اهي به مذمت جي لائق آهن ۽ اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت وارو آهي ته هي بم جو ڌماڪو جيڪو ان عزادارن جي بس سان پهريون ٿيو آهي جيڪا ملير مان عزادارن کي کڻي ٿي آئي ۽ صرف ملير جي انهن عزادارن کي نشانو ڇو بڻايو ويو اهو به هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب به اسان جي حڪومت کي سڀ کان اول تلاش ڪرڻ گهرجي.

    ڪٿي حڪومت کي پنهنجي مفاهمت واري پاليسي ته ڳچي ۾ پئجي نه رهي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ مڪاني ادارن جو اهو بل آهي جنهن کي روز پوئتي هٽايو ٿو وڃي، ڪٿي ان بل ک ينه پيش ڪرڻ جي خلاف هي بم ڌماڪا سازش ته ناهن، ان سوال جا جواب به اسان جي حڪومت کي ڳولڻ گهرجن ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت جيڪڏهن اهو چاهي ٿي ته ڪراچي ۾ هر صورت ۾ امن امان قائم ٿئي ته پوءِ سخت کان سخت انتظام ڪيا وڃن ۽ انهن ڌرين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي، جيڪي انهن معصوم بي ڏوهي شهرين جو خون ائين پاڻي جيان وهائڻ ٿا، ڇا سوات مان ايندڙ مولوي ۽ ملا هاڻي ڪراچي کي سوات بڻائڻ چاهين ٿا، ان باري ۾ به اسان جي حڪومت کي سوچڻ گهرجي ۽ ڪجهه مهينا اڳ جڏهن پنجاب اندر خودڪشن حملن جو روز جو معمول بڻايو ويو هو ۽ هاڻي ڪراچي ۾ ساڳيو عمل ورجايو ٿو وڃي ان سڄي صورتحال تي به اسان جي حڪومت کي پنهنجو خاص خيال رکڻ گهرجي ۽ جهڙي نموني پنجاب صوبائي حڪومت اتي سخت قدم کنيا آهن هتي به اهڙا سخت قدم کنيا وڃن ۽ خاص ڪري انهن سمورن ڪراچي جي علائقن ۾ آپريشن ڪيو وڃي، جتي هٿيار موجود هجن ۽سنڌ جي ان گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي ان ڳالهه تي به وفاقي حڪومت عمل ڪرائي ته ڪراچي جي سموري شهر اندر فوج، رينجرس ۽ پوليس جو هڪ گڏيل آپريشن ڪرايو وڃي ۽ گهر گهر جي تلاشي وٺي ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ان عمل ۾ سڄي ڪراچي جي شهرين جو ڀلو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان ڪراچي جو امن ٻيهر موٽي ايندو ۽ انهن سمورن ماڻهن جا پول کلي پوندا، جيڪي شرافت جو چهرو پائي ڪراچي جو امن تباهه ڪرائڻ جو ٺيڪو کڻندا آهن ۽ ان ۾ پوءِ ڪنهن جو به هٿ هجي ان کي معاف نه ڪيو وڃي، ڇو ته اصل ۾ ڏک ۽ سور ته انهن ماڻهن وٽ هوندو جن جا جاني انهن جي سامهون ائين روڊ رستن تي تڙپيا هوندا ۽ اهو احساس به اهو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو جيڪو اهڙن ڏکن واري ڪيفيت مان پاڻ گذريو هوندو. باقي رڳو ڳالهه ڪرڻ سان ماڻهو اهڙا احساس نٿو رکي سگهي. ان جي ڪري ڪراچي جي شهرين ۽ عوام سان جيڪڏهن پ پ ۽ متحده سميت عوامي نيشنل پارٽي جي رهنمائن کي انهن سان اصل محبت آهي ته پوءِ انهن سمورين پارٽين جي اڳواڻن کي ملي ڪراچي جي شهرين کي سک ۽ آرام ڏيڻو پوندو ۽ ان جي لاءِ ڪجهه اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻو پوندو.

    ڇا اسان جي حڪومت يا وري ان جي اتحادي جماعتن جي اها نااهلي نه چئجي جو سموريون سياسي جماعتون جيڪي ڪراچي کي پنهنجو شهر سمجهن ٿيون اهي موجوده حڪومت ۾ ويٺل آهن ۽ ان شهر جو امن امان تباهه آهي ته پوءِ انهن سياسي پارٽين جو حڪومت ۾ هجڻ يا وري مخالف ڌر جو ڪردار نڀائڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ ان ڳالهه جي اسان جي حڪومت وٽ ڪهڙي شاهدي آهي ته جناح اسپتال ۾ ڌماڪي ٿيڻ وارا سي سي ٽي وي فوٽيج چوري ناهن ٿيا، جڏهن ته صحت جي سيڪريٽري خوشنود لاشاري پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته فوٽيج چوري ڪيا ويا آهن جڏهن ته اهي ڳالهيون پڻ ٻڌڻ ۾ آيون آهن ته اهي ساڳيا فوٽيج هڪ نجي ٽي وي چينل تي هلي ويا آهن ۽ هاڻي ڏسجي ته حڪومت انهن فوٽيج چوري ڪندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي ۽ انهن کي ڪيتري ٽائيم ۾ سزا ٻڌائي وڃي ٿي، ڇو ته اصل ۾ سموري خودڪش يا وري بم ڌماڪن پويان اسان جي حڪومت جي نااهلي لڪيل آهي، جيڪي پوليس ادارا ۽ خاص ڪري هاڻي ڪراچي جو سڄو نظام رينجرز جي حوالي ڪيو ويو آهي، اهي ڪروڙين روپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود امن قائم نه ڪرائي سگهن ته انهن جي نااهلي کي لڪائڻ نه گهرجي پر اهڙن نااهل آفيسرن کي سزائون ڏنيون وڃن ته امن امان جو ماحول بهتر ٿي سگهي ٿو، باقي جهڙي نموني سان ڪراچي اندر باهه ٻارڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي ان مان ته هاڻي خوف اچي لڳو آهي ته ڪٿي اها باهه ٻري ٻري ڪو وڏو طوفان نه آڻي ڇڏي ۽ الله ڪري ائين نه ٿئي، ڇو ته ڪراچي جو ماحول هٿ سان ڪجهه سياسي پارٽيون تباهه ڪرڻ جي پويان پئجي ويون آهن ۽ اهي نٿيون سوچين ته پنهنجي گهر کي ساڙڻ کان پوءِ هنن کي ڪير پناهه ڏيڻ وارو نه هوندو، ان جي ڪري وري به اسان جي سمورين سياسي مذهبي، سماجي پارٽين ۽ ڌرين کي پاڻ ۾ گڏجي ڪراچي ۾ ٻاريل باهه کي وسائڻ گهرجي ان ۾ سڀني جو ڀلو آهي.


    روزانه سنڌحيدرآباد جي ٿورن سان

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو