پاڻي معاملي تي پنجاب جو افسوسناڪ موقف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    پنجاب منگلا ڊيم مان کنيل سنڌ جو پاڻي موٽائي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪينال کي وهائڻ واري موقف تي به بضد آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ارسا جي اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاق جي ميمبرن سنڌو درياهه تي چشما جهلم لنڪ ڪينال جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي ميمبرن اجلاس مان بائيڪاٽ جي ڌمڪي پڻ ڏين.

    ارسا ربيع جي مند دوران پاڻيءَ جي کوٽ جو ڪاٿو 30 بدران 34 لڳايو آهي. معنيٰ ته ربيع دوران پاڻيءَ جي کوٽ 4 سيڪڙو وڌندي ۽ انهيءَ کوٽ جو پورائو ڪرڻ واري ڳالهه ته پوئتي آهي پر پنجاب منگلا ڊيم ذريعي سنڌ جي حصي مان کنيل پاڻي به واپس ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اڳ ۾ چيو ويو ته جڏهن کوٽ ختم ٿيندي ته واڌو کنيل پاڻي موٽايو ويندو پر هاڻي ته پنجاب انهيءَ موقف تي بيهڻ لاءِ به تيار ناهي، هاڻي جڏهن سنڌ کي به ربيع جي مُند دوران پاڻيءَ جي کوٽ ڀوڳڻي پوندي ته ان موقعي تي سنڌ کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت هوندي ۽ جيڪڏهن گهربل مقدار ۾ پاڻي نه مليو ته سنڌ جي فصلن کي سخت نقصان رسڻ جو خدشو آهي. سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪيتريون زمينون بنجر بڻيل آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري فصل تباهه ٿي رهيا آهن، هاڻي جڏهن ربيع جي مُند ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي ته باقي بچيل فصلن کي گهڻو نقصان رسندو ۽ ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ گهربل اُپت حاصل نه ٿي سگهندي، نتيجي ۾ وري به سنڌ ۽ هتان جي ماڻهوءَ کي ئي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. پنجاب هن کان اڳ به زبردستي پاڻي کڻندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ائين ئي ڪري رهيو آهي، جنهن کي وڏي ڀاءُ جي ناانصافي چئي سگهجي ٿو.

    سنڌ حڪومت 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۽ ارسا کان پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو ايترو مضبوط ڪيس ته نه جوڙي سگهي، جنهن ذريعي اها پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي هجي پر هاڻي چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ واري رٿا خلاف نيپرا وٽ نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي ڏسجي ته سنڌ حڪومت پنهنجي انهي ڪيس کي ڪيترو مضبوط ڪرڻ تي نيپرا کان پنهنجو مطالبو مڃرائي ٿي. ڇو ته پنجاب انهيءَ معاملي تي به بضد آهي ته چشما لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏيو وڃي، حقيقت اها آهي ته انهي رٿا جو مقصد چشما لنڪ ڪينال کي 12 ئي مهينا وهائڻ لاءِ جواز ڳولڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي.

    ارسا ۾ پنجاب طرفان اختيار ڪيل موقف افسوسناڪ آهي، جيڪو وڏو ڀاءُ هجڻ پنجاب کي اختيار نه ڪرڻ گهرجي. اسين پنجاب جي اهڙي موقف تي افسوس جو اظهار ڪيون ٿا ۽ حڪومتي اختيارين کي گذارش ڪيون ٿا ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.


    روزانه سنڌ حيدرآباد جي ٿورن سان

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو