تاجل بيوس تڏهن آزادي ماڻينداسين_تاجل بيوس

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
جڏهن جهرڪيون گهرڙا جوڙينديون بندوقن جي ڪنداقن ۾
هن توپ وڏي جي نالي ۾ ۽ زندانن جي برجن تي
جڏهن ماڻهو مٽي کي چمندا، ڌرتي کي جيجل ما چئي
پاڻي جو آڌرڀا ڪندا
سج کي چوندا تون ڏيهن جو ڏاتار آهين
تون سونهن تون سرجڻهار آهين
تڏهن آزادي ماڻينداسين
تڏهن آزادي ماڻينداسين
تاجل بيوس
 
Back
Top