جڏهن جهرڪيون گهرڙا جوڙينديون بندوقن جي ڪنداقن ۾
هن توپ وڏي جي نالي ۾ ۽ زندانن جي برجن تي
جڏهن ماڻهو مٽي کي چمندا، ڌرتي کي جيجل ما چئي
پاڻي جو آڌرڀا ڪندا
سج کي چوندا تون ڏيهن جو ڏاتار آهين
تون سونهن تون سرجڻهار آهين
تڏهن آزادي ماڻينداسين
تڏهن آزادي ماڻينداسين
تاجل بيوس