پاڻي جو مسئلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيو ٽي وي تي آنڱر کنيل آهي ته اهي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه جو هميشه کان مخالف رهيو آهي۔۔۔۔ ڪالهه جيو ٽي وي جو پروگرام 50 منٽ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ۔۔۔۔ موضوع ڇو ته سنڌ جي پاڻي سان بابت هيو ان ڪري پروگرام کي ڏسڻ ۽ پنهنجن سميت غيرن جون سوچون معلوم ڪرڻ ضروري سمجهيم۔۔۔
    هن پروگرام ۾ سنڌ جي نمائندي۔۔۔ آبپاشي جو صوبائي وزير سائين مراد علي شاه ۽ ڊاڪٽر نديم قمر صدر ايگري چيمبر آف ڪامرس سنڌ ۔۔۔جڏهن فون تي سائين آفتاب شاه جيلاني جا رايا پڻ ورتا ويا۔۔
    جڏهن ته پنجاب جي نمائندگي رابيا سلطانه صدر فارمرس ايسوسيئيشن پنجاب ۽ ابراهيم مغل، چيئرمين ايگري فورم پنجاب۔۔ڪري رهيا هئا۔۔۔

    ڇو ته پروگرام ۾ سنڌ جي بنيادي حقن جي ڳالهه ۽ ان تي بحث هيو ۔۔۔ ان ڪري دوستن کي گذارش آهي ته وڊيو جي اردو هجڻ کي نظر انداز ڪن۔۔۔۔

    [m]http://www.zshare.net/video/7247803341317be9/[/m]​

    وڊيو ڏسڻ کان پوءِ پنهنجا رايا ضرور ڏيندا۔۔۔۔


    وڊيو لاءِ فرينڊس ڪارنر جا ٿورائتا
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڻي جو مسئلو

    دوست رشيد صاحب! لک ٿورا انتهائي اهم موضوع آهي جنهن تي بحث ٿي رهيو آهي ۔۔۔
    هن ۾ ٻه ڳالهيون آهن ۔۔۔
    1۔ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته پنجاب وڏي صوبي ۽ گهڻائيءَ سبب ممڪن آهي ته آهستي آهستي سنڌ جو پاڻي غضب ڪري وڃي ۔۔۔

    2۔ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ پاڪستان ۾ جنهنکي هڪ قوم چيو ويندو هو ۔۔۔ ۽ اهو صوبو جو ان ڳالهه جو پٽڪو ٻڌي هلندو هو ته پاڪستان هڪ قوم آهي، سو هاڻي سنڌيءَ ۽ پنجابيءَ جي مسئلي تي ڳالهائڻ لڳو آهي ۽ انڳالهه تي اچي ويو آهي ته سنڌي هڪ الڳ قوم آهن ۽ پنجاب هڪ الڳ قوم آهي ۔۔۔

    اڄ ان ڳالهه تي بحث ٿي رهيو آهي ته سنڌين جا مفاد الڳ آهن، پنجاب جا مسئلا الڳ آهن ۽ اهڙيءَ طرح انڳالهه جي تائيد ٿي رهي آهي جنهن ڳالهه تي محترم سائين جي ايم سيد کي ڪافر جي لقب سان سڏيو ويو هو ۔۔۔جڏهن محترم سائين جي ايم سيد اهو چيو هو ته مسلمان هڪ قوم ناهي بلڪ الڳ الڳ قومن جي مجموعي جي هڪ امت آهي جا پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي ۔۔۔

    بهرحال منهنجا دوست رشيد صاحب، سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔ اهو پهاڪو سچو آهي ۽ سچو ئي رهندو ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو