• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نقاش علواڻي

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
;)
نظم


هن مونکي زندگي تي

ليڪچر ڏنو.

پوءَ اسان گڏ جي

چانهه پيتي.

آءُ زندگي جي

چيلهه ۾ ٻانهون وجهي

گهر موٽي آيس،

۽

هن،

خودڪشي

ڪري ڇڏي ..........!! ؟؟

................................................................................................

درد هن بيدرد کي سمجهائجي.

هن اڪيلي فرد کي سمجهائجي.

ڪيئن بهارن جي ڪبي آ آجيان،

پن ڇڻيل ذرد کي سمجهائجي.

هن ڪري ”ڪاري“ وني ماري ڇڏي،

اهڙي کدڙي مرد کي سمجهائجي.

پيار پاڪائي گهري ٿو او ”نقاش“ !

هن گناهه جي گرد کي سمجهائجي.

..........................................................................................

نڊ نيڻن مان اڏامي چاهه جاڳائي وئي.

ڏات جذبن کي ڌڳائي باهه جاڳائي وئي.

ڳهر ۾ کيريون گهٽيون ڪيڏا ننڊاکا روڊ هن.

ڇير تنهنجي پير جي هر راهه جاڳائي وئي.

جام خالي ٿي ويا ڏس حوصلو سقراط جو.

وه جي مُوءِ واٽ نئون ويساهه جاڳائي وئي.

مان خيالن ۾ خماريل پاڻ کان ئي ڏور هئس،

ياد تنهنجي هٿ ڏئي سڀ ساهه جاڳائي وئي.​
 
ڪيئن بهارن جي ڪبي آ آجيان،
پن ڇڻيل ذرد کي سمجهائجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين
 
ادا، تمام بهترين شاعري آهي،
مان خيالن ۾ خماريل پاڻ کان ئي ڏور هئس،
ياد تنهنجي هٿ ڏئي سڀ ساهه جاڳائي وئي.
واهه ادا واه۔
 
Back
Top