اڄوڪو ڏينهن 8 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

'آگسٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 8 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    8 آگسٽ 1917ع ڀڳت پيسو رام (ڀڳت ڪنور رام جو پُٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1924ع اڳواڻي جج، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1925ع شاعر مولچند ايم ڪمل (ڪنڊيارو / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1927ع سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي (لال ڪرشن آڏواڻي) (ڪراچي / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1934ع ليکڪ ناليواري اسڪالر، محقق، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1935ع راڳي ڀڳت گهنشام ويڌرام (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1946ع شاعر ستار آسي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1949ع ليکڪ شبير ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1950ع شاعر بيوس نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1952ع صحافي غلام رسول بلوچ (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1954ع سماجي ورڪر، پبلشر ۽ ايڊيٽر ڪر الاھي چنا جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1958ع شاعر حافظ عطاءُ الله بجاراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1981ع شاعره بينظير عادل جو جنم ڏينهن آهي.
    8 آگسٽ 1981ع شاعر راجا ثابت علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    8 آگسٽ 1934ع ليکڪ موهن دولترام آڏواڻي (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو.
    8 آگسٽ 1961ع شاعر مرزا علي بخش بيگ ڪوثر (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو.
    8 آگسٽ 1962ع شاعر عزيز الله مجروح جو لاڏاڻو ٿيو.
    8 آگسٽ 2005ع مشهور عالمي اسلامي مفڪر ۽ مقرر احمد ديدات جي وفات ٿي.
    8 آگسٽ 2006ع سازندي سرندي نواز محمد فقير ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.
    8 آگسٽ 2014ع تعليمدان پروفيسر انيتا غلام علي جو انتقال ٿيو.
    8 آگسٽ 2016ع ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ناول نگار علي بابا جو ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيو.
    8 آگسٽ 2021ع شاعر، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن سورج سجاولي ڪورونا وبا سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

    حوالہ:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 آگسٽ 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو