غزل تحرير جوهر بروهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Abduljabbar
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Abduljabbar

سينيئر رڪن
هر لمحو زنجير مثل آ
اک ۾ ڪک، شهتير مثل آ

منهنجي اک مان ڪرندڙ ڳوڙهو
سامونڊي ڪنهن سير مثل آ

هاءِ اسان لئه ڏاڍ جو گفتو
اڻ ٽٽندڙ تقدير مثل آ

جيڪو ڪنهن جا ننگ لتاڙي
ماڻهو سو خنزير مثل آ

مون کي مهڻو رات ڏنو ويو
احساسن لئه تير مثل آ

پاپين لئه ڄڻ ملڪ سمورو
ڏاڏي جي جاگير مثل آ

” جوهر“ کي اڄ قيد ڪيو جو
شعر سوادي کير مثل آ
هي غزل سائين جوهر بروهي جي مجموعي ” ڪاڇي پئي ڪوڪ“ مان ورتو ويو آهي سائين جن جڏهن منهنجي ڳوٺ سانگي(ٿريچاڻي ) ۾ سومر جي ڏينهن ڪتاب جي اي ڪمپوزنگ جي اجازت ورتي سائين محبت سان ان جي اجازت ڏني آهي اهو ڪتاب جلد ئي سنڌ سلامت جو سينگار بڻبو
 
Back
Top