نثارابڙو
نائب منتظم
پيٽ گهٽائڻ جون ٻه ڪارآمد ورزشون؛
هر ماڻهون مرد توڙي عورت چاهيندو آهي ته سندس پيٽ سنهڙو ۽ سهڻو هجي، وڌيل پيٽ انسان کي بي ڊولي ڪرڻ سان ڪيترين بيمارين ۾ پڻ مبتلا ڪري وجهندو آهي ... انڪري گهرجي ته پاڻ کي سهڻي ۽ صحتمند رکڻ خاطر پنهنجي پيٽ کي پنهنجن هٿن ۾ رکون ۽ کيس وڌڻ نه ڏيون ... هي ڪجهه ورزشون نظر ۾ آيون جي ڪجهه مناسب لڳن ٿيون ... باقي ورزش يا علاج لئه اهو ضرور عرض ڪندس ته هڪ صبر آزما مرحلو هوندو آهي جو ڪئي هفتا يا مهينا يا ڪئي سال ڪرڻو پوندو آهي ... تڏهن وڃي ڳالهه برابر ٿيندي آهي ... سو جڏهن به ڪنهن شئي ڪرڻ جو ارادو ڪريو ته مستقل مزاجيءَ جي مدد ضرور وٺندا ...
1
جسم جي وچين حصي کي ڦٽ رکڻ ؛
هفتي ۾ چار ڏينهن ضرور ڪجي؛
هدايتنامو؛جسم جي وچين حصي کي ڦٽ رکڻ ؛
هفتي ۾ چار ڏينهن ضرور ڪجي؛
فرش تي ڏنڊ ڪڍڻ واري نموني ليٽجي، پيرن جي آڱرن ۽ ٺونٺن ڀر پنهنجي جسم کي مٿي کڻجي، زمين سان صرف اوهانجون (ٺونٺن کان هٿن تائين) ٻانهون ۽ پيرن جون آڱريون لڳل هجن باقي جسم مٿي سڌو هجي ...
ان نموني اوهان 20 کان 60 سيڪنڊ بيهي رهو
اهو عمل 3 کان 5 دفعا ڪريو .
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
2
پيٽ جي گوشت کي گهري نموني سان مضبوط ڪرڻ لئه؛
هفتي ۾ چار ڏينهن ضرور ڪجي،
مراڪبي جي نموني، ٻنهي ٽنگن جو ڪراس ٺاهي فرش تي ويهو
ٻئي هٿ ڪنڌ جي پويان ڏئي ڪنڌ کي مدد ڪريو،
آهستي آهستي هيٺ سڌو ٿي سمهي وڃو،
پنهجون ٽنگون ڪراس ئي رکو
وڏو ساه نڪ ذريعي کڻي ڦڦڙن ۾ ڀريو
پنهنجي ڇاتي آهستي آهستي زمين کان ڪجهه انچ مٿي کڻي، وات جي ذريعي ساهه ٻاهر ڪڍو
ڇاتي ڇت جي طرف مٿي کڻو نه ڪي گوڏن جي طرف جهڪايو ... ۽ اهو ڪم سڪون ۽ آهستگيءَ سان ڪريو، جهٽڪي ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي ... هٿ سان پنهنجي ڪنڌ کي صرف سهارو ڏيو جهٽڪو نه ڏيو ...
25 دفعا اهو عمل ورائي ڪجي.
30 ڏينهن جي عمل سان پيٽ تي فرق پوندو