اڄوڪو ڏينهن 21 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

'آگسٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 21 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    21 آگسٽ 1906ع ماهر تعليم ڪماري سرسوتي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1907ع شاعر فقير سلطان مهر (رستم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1908ع سماجي ورڪر سجنداس جهاٽومل واٽواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1928ع سياستدان روچيرام پيرچنداڻي (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1936ع ڪهاڻيڪاره اندرا واسواڻي (ميرپور خاص / آديپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1940ع شاعر ۽ سياستدان خانصاحب عبدالڪريم پلي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1944ع صحافي الهه رکيو نعيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1956ع اداڪار سنيل آڏواڻي (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1960ع ليکڪ سيد گل محمد شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    21 آگسٽ 1967ع صحافي عزيز سومرو جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    21 آگسٽ 1887ع سماج سڌارڪ ۽ ڊي جي ڪاليج جو باني ڏيارام ڄيٺمل ديهانت ڪري ويو.
    21 آگسٽ 1961ع تعليمي ماهر جيوت رام ماٽائي جي وفات ٿي.
    21 آگسٽ 2006ع شرناءِ نواز استاد بسم الله خان جي وفات ٿي.
    21 آگسٽ 2007ع اردو جي نامياري ليکڪا، ناول نگار ۽ صحافي قرت العين حيدر جي وفات ٿي.

    21 آگسٽ 2012ع شاعر، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جو انتقال ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 21 آگسٽ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 آگسٽ 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر قربان علي جهتــــــــــــيال رح...ممتاز مصطفه وگهيو

    [​IMG]


    صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
    منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛
    جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو
    .(سر يمن ڪلياڻ: داستان پنجون، بيت 4)


    اسان پنهنجي معاشري ۾ جڏهن انسان دوستي جو اصطلاح ڪتب آڻيون ٿا ته خالصتن ان مان مراد انساني ڀلائي جو تصور وٺون. ٿا.يعني هر اهڙو ڪم، عمل، اڳڀرائي، ڪوشش يا هلچل، تحرڪ، جنهن ۾ انسان جي ڀلي، نفعو، حب، محبت، پيار، پنهنجائپ، آزادي جسماني توڙي ذهني، آجپي، امن، خوشحالي، چڱائي، سڪون، سهنج، سک شانتي ۽ سهولت جي جي عڪاسي ٿيندي هجي..۽ اهڙي .انسان دوستي به تمام گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي ٿي وڃي، ڪيترا عالم، اديب، مفڪر، سياستدان، ڪامورا، جاگيردار، ان صفت کان وانجهيل آهن جيڪا ڳالهه ڏک ۽ افسوس واري ٿي لڳي.،مگر بلڪل ائين به نه آهي ته ڪا سنڌ گدڙن کاڌي آهي، مــــــــــــــــــــگر......... اڃان ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي. شاهه رح

    مون اگر زندگي ۾ ڪو درويش صفت ڊاڪٽر ۽ اديب ڏٺو ( سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي ) ته اهو هو محترم سائين ڊاڪــــٽر قربان علي جهتـــــيال صاحب، ڊاڪٽر صاحب هڪ صوفي مزاج، علم ادب، موسيقي جو عاشق پرين پيارو سڄڻ دوست هو، کيس ڪا به پرواهه نه هوندي هئي ته ڪير منهنجي لاء ڇا پيو چوي، اگر چوي پيو ته پيو چوي، انتهائي سادو، فقير صفت ماڻهون،هو.... غريبن مسڪينن جو پڳ مٽ يار هوندو هو.......ڊاڪٽر صاحب ڪو رواجي ڊاڪٽرن وانگر ڊاڪٽر نه هو ۽ هن جي من ۾ اهيو به نه هو ته رڳو پيئسو ڪمائڻو آهي، ۽ ماڻهن جي کل لاهڻي آهي، نه بلــــــــــڪل نه. هي ته ڦلجي جي غرين مسڪين ماڻهن جو مسيحا هو، سندس ڪلينڪ به سادي، پاڻ به سادو ۽ سادن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ وارو ماڻهون هو،افسوس صد افسوس جو اهڙا ماڻهون، وڃن ٿا اسان جي سنڌ مان موڪلائيندا، جيڪي ماڻهون سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت هئا، جنهن جو جيترو ارمان ڪجي اهو گهٽ آهي، سندس ڪلينڪ سنڌ جي ضلعي دادو جي تعقي دادو ۾ ڦلجي اسٽيشن جي شهر ۾ هوندي هئي، ڦلجي اسٽيشن جو شهر دادو کان 18 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي

    جڏهن لاڙڪاڻي کان دادو ايندي هڪ ننڍي ريلوي اسٽيشن ڦلجي تي لهي صرف سامهون نظر ڪبي هئي ته ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ ( رضـــــــوان ڪلــــــينڪ ) نظر اچي ويندي هئي........... ۽ ڦلجي هڪ ننڍو شهر آهي سو ان ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ڦلجي جو ٻچو ٻچو سڃاڻيندو هو، سندس ڪلينڪ جي سامهون شام جو جڏهن ڇڻڪار ايندو هو ته ان جي هڪ الڳ خوشبوء ايندي هئي، جيڪا خوشبوء ڊاڪٽر صاحب جي محبت واري خوشبوء سان رلي ملي ڪري هڪ الڳ خوشبوء ۾ تبديل ٿئي ويندي هئي، جيڪا الفاظن ۾ بيان ڪري نه ٿي سگهجي، مان جڏهن خيالن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ جو تصور ڪريان ٿو ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ هليو ٿو وڃان، سندس ڪلينڪ تي هميشه ريڊيو پيو هلندو هو، ۽ سندس ڪڇ ۾ به هڪ ريڊيو هوندو هو،........ . ريـــــــــڊيو ڄـــڻ ڊاڪٽر صاحب جي هڪ سڃاڻپ بڻجي ويو هو،
    [​IMG]

    ڊاڪٽر صاحب سان پهرين ملاقات.... 80 جي عشري ۾ ريڊيو پاڪستان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي، سنڌ ۾ خاص ڪري ريڊيو خيرپور ميرس. جنهن جي شروعات مارچ جي مهيني ۾ 1983ع ۾ ٿئي، هيءُ ريڊيو اسٽيشن نشرياتي دور ۾ ٽاپ ڪري وئو. هن علائقي جي علمي، ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي قدرن کي هڪ وڏو نالو ملي ويو، ريڊيو خيرپور جا ان وقت ۾ مشهور پروگرام هئا، .... نئون سج، ماروئڙ، اوهان جو خط پهتو، سهڻي ڌرتي، لطيف ڪوئس، لوچين سي لهن.لاٽ ٻرندي رهي جوت جلندي رهي. ۽ هن اسٽيشن خدمتن جا وڏا رڪارڊ قائم ڪري ورتا، براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ وڏي مڃتا ماڻي، ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ ريڊيو جو هڪ يادگار دور بڻيو، خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جي ماڻهن ان وقت جي وندر جو ڀرپور فائدو ورتو، ريــــــــــــڊيو اڄ به پنهنجي بادشاهت قائم ۽ دائم رکيو پيو اچي، مگر سندس طور طريقا، معيار، انداز وقت ۽ حالات جي هٿان پلٽو کائي ڪري هڪ الڳ رخ اختيار ڪري ويا آهن. جيڪا شايد وقت جي ضروت هئي............ريڊيو جي دنيا جو هي ماڻهون مـــــمتــــاز (مان) به هڪ فرد هو، خبر ناهي اهو ممتاز الائي ڪاڏي، ويو،، جيڪو ريڊيو جو ديوانو هوندو هو

    تون ڀي ڪڇ اور اور هي،هم ڀي ڪڇ اور اور هين
    جاني وه تون ڪــــهان گيا، جاني هم ڪڌر گئي


    (ريڊيو گهر ۾ دڪان تي توڙي سفر ۾مون ساڻ هوندو هو، گهر ۾ ۽ سگريٽن جي ڪيبن تي ته وڏا ريڊيا هوندا هئا پر سفر ۾ هميشه پاڪيٽ سائيز ريڊيو ساڻ کڻندو هئس،ان وقت ۾ پنهنجو نالو ريڊئي تان ٻڌي ڪري دل باغ بهار ٿئي ويندي هئي۔ جنهن جو مزو هڪ پنهنجو مزو هو، جيڪو بيان ڪري نه ٿو سگهجي۔انهن ڏينهن ۾ ريڊيو جا ٻڌندڙ پڻ ڪافي دوست ٿئي ويا هئا، جن مان ڪافي ته دوستن جا نالا وسري ويا آهن، پر انهن مان محبت ديري جتوئي جو عبدالغفور ڀونئر، ۽ ٺٽه گجو جو هڪ سومرو ، ۽ ڦلجي اسٽيشن جو ڊاڪٽر قربان علي جهتيال خاص دوست ٿئي ويا هئا، جن سان قلمي دوستي جو هڪ عجيب رشتو هلندو هو، ٽٺه جي دوست جو ذڪر ته مون پنهنجي دوست محترم اشفاق احمد وگهيو صاحب سان به ڪيو هو، جڏهن ٺٽه جي شهر ۾ موجود هئاسين ۽ اشفاق چيو ته تنهنجي ان دوست کي ڳوليون ٿا، مگر ڳالهه رهجي وئي. ) مان جڏهن اڃان ستين اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ۽ مان ريڊيو خيرپور ميرس جا پروگرام وڏي شوق سان ٻڌندو هئس، ۽ انهن پروگرامن ۾ ذهني آزمائش جا پروگرام به نشر ٿيندا هئا، ۽ مان انهن پروگرامن ۾ حصو وٺندو هئس، ۽ انهن ڏينهن ۾ محترم سائين ڊاڪٽر جهتيال صاحب به انهن پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو، ۽ ريڊيو خيرپور پاڪستان جي ڪوئس پروگرامن ۾ يا ان کان علاوه به ريڊيو تان جيڪي تمام گهڻي مقدار ۾ خط نشر ٿيندا هئا، اهي ڊاڪٽر جهتيال صاحب جا هوندا هئا. ۽ انهن خطن جي رستي اسان جي به سلام دعا ٿئي، ۽ مون پهرين خط سان گڏ کيس پاڪيٽ سائيز هڪ قرآن مجيد پڻ سوکڙي پوسٽ ڪري موڪليو هو، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻو پسند ڪيو هو، ۽ مون کي خط لکي ڪري دعوت ڏني هئائين ته مون وٽان چڪر ڏئي وڃ. (جڏهن ته ان وقت منهنجي عمر 14 سال مس هئي ۽ اهيا ڳالهه تقريبن 24 سال پراڻي آهي ان کانپوء ڊاڪٽر صاحب سان خط و ڪتابت پڻ هلندي رهي جيڪا ڪافي عرصي تائين پڻ جاري رهي۔) ۽ هڪ ڏينهن اسڪول جي رسيس جي ٽائيم ۾ مان ۽ منهنجو هڪ ڪلاس فيلو محترم شاهنواز ميمڻ .....( جنهن جو چاندني چونڪ دادو ۾ سگريٽ ٻيڙي جو دڪان هوندو هو.) دادو مان بس تي چڙهي ڪري ڦلجي اسٽيشن پهتاسين، ۽ پڇا ڳاڇا ڪري ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تي پهتاسين ۽ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ڪئي سين، ڊاڪٽر صاحب مون کي ڏسندي سڃاڻي ورتو، ان جو ڪارڻ اهيو هو ته مان کيس پنهنجي تصوير خط ۾ موڪلي چڪو هئس، ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻي پيار محبت سڪ ۽ اڪير ۽ شفقت سان مليا، ۽ اسان شاگرد هئاسين ۽ ٻار به هئاسين مگر ان هوندي به ڊاڪٽر صاحب اسان کي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڏنو، جيڪو مان هيترا سال گذرڻ جي باوجود وساري نه سگهيو آهيان. ڊاڪٽر صاحب پنهنجا ڪجهه ڪتاب پڻ ڏيکاريه جيڪي ريڊيو جي ڪوئس پروگرامن ۾ سوال ڳولڻ ۾ استعمال ڪندا هئا، ء ڊاڪٽر صاحب اسان کي ڦلجي شهر جا پڪوڙا، مائو، ۽ چانهن نوش ڪرائي، سندس اها خدمت مان شايد ڪڏهن وساري نه سگهان.۽ تقريبن ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري ۽ ڊاڪٽر صاحب کان مولايوسين، جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب اسان کي زور ڀريو ته مون وٽ رات رهو ۽ شام جو گهر هلنداسين ۽ گهر ۾ ڪچهريون ڪندا سين ۽ توهان جي خدمت ڪرڻ جو موقعو به ملي ويندومگر اسان سندس شڪريه ادا ڪندي موڪلايو اهو ان ڪري جو اسان کي پنهنجي مائٽن جا موچڙا به سجهن پيا،ڇو جو انهن کي اهيا خبر نه هئي ته اسان اسڪول ٽائيم ۾ ڦلجي پهتا آهيون.، ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو پي ٽي سي ايل نمبر ڏنو، جنهن نمبر تي پڻ ڊاڪٽر صاحب سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي، مگر زماني جي گردشن ۽ پريشانين جسماني طور پري ڪري ڇڏيو، هو مگر محبت قائم ۽ دائم هئي، هن شاهه رح جي سٽن وانگر... ڪـــــــــي ڏور به اوڏا ســـــــــــــــپرين... اڄ ڊاڪٽر صاحب اسان جي وچ ۾ موجود ته نه آهي، مگر ساڻ گزاريل پل، پل پل ياد رهندا ۽ هميشه ياد رهندا. دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين.
    وگهيه ٿيا ويران اهي اجها،جنهن ۾ اجهامندي هئي اڃ اساٽ،

    گهوريا مون گهاٽ مــــــــــٿان گهاٽ، انهن پرين جي پياس لاء


    ڊاڪـــــــــٽر صــــــــاحب جو تعــــــــــارف
    1957 )ع کان 2012ع تائين(مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو جنم پهرين جنوريءَ 1957ع تي ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو جي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ ٿيو، ايم بي بي ايس پاس هئڻ باوجود به هن سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح ڏيڻ يا ڪنهن وڏي شهر وسائڻ جا خواب ڏسڻ بدران پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ قائم ڪري نه رڳو پنهنجي روزگار جو بندوبست ڪيو پر هر جمعي تي مريضن جو مفت علاج ڪرڻ به هن پنهنجو فرض سمجهي اها خدمت ڪئي، هي شاعر هئڻ سان گڏوگڏ صحافي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ هو، هن لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي، ان دوران نامور شاعر محسن ڪڪڙائيءَ کان رهنمائي حاصل ڪيائين، ڊاڪٽر قربان جهتيال سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو 5 دفعا رابطا سيڪريٽري، پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جو نائب صدر، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن جو جنرل سيڪريٽري، پئرنٽس ٽيچرس ايسوسيئشن جو چيئرمين، ريڊيو لسنرز ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي صدر پڻ رهيو، هن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو لسنرز ڪلب ٺاهي نه رڳو ريڊيو ٻڌندڙن کي اتساهيو پر ان سان گڏ ريڊيو پبلڪڪيشن قائم ڪري هڪ رسالو شايع ڪرايائين، جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ هو، سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ هن رسالي جا ڪل 12 پرچا شايع ٿيا، جنهن جو مان پڻ دادو شهر جو نمائندو رهيو هئس،...ڊاڪٽر قربان جهتيال پنهنجي سموري عمر جاکوڙ ڪندي گذاري، سندس شاعري نامور فنڪارن شفيع فقير، ممتاز لاشاري، انور وسطڙي، ڪوثر ماروي سميت ڪيترن فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، سندس شاعريءَ، مضمون سنڌ جي مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ مسلسل شايع ٿيندا رهيا، ڊاڪٽر قربان جهتيال انهن سڄاڻ سماجي ۽ ادبي ماڻهن مان هو، جن علمي طور سماجي تبديلين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کيس خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ سگا طرفان ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين لوچيندڙ ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين لوچيندڙ ايوارڊ وغيره قابل ذڪر آهن، هي ڪيترو عرصو گڙدن جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل رهيو، هن 21 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه شهيد مخدوم بلاول قبرستان ۾ آهي، سندس هڪ پٽ رضوان جهتيال لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري مان پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ عرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاني جو شاگرد آهي.

    گل قبر تي آڻجان وصيت اٿئي
    ٿورو گهڻو پيو سارجان وصيت اٿئي




    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جو هڪ غزل
    ڇا ته پُر اثَر آهي هوا ڄامشوري جي،مُنوَر ۽ معطر آهي فِضا ڄامشوري جي،
    عشق ۽ حُسَن جو سنگم وڏو آ،ڏاڍا ماڻھو ٿي موهي ادا ڄامشوري جي،
    شام شَفَقَ ڌاري ڇا ته خوشبوءِ آ،ھر ھنڌ آ عام سَخا ڄامشوري جي،
    هِتي سونهن ٿي تَجَلا ڏِئي چنڊ جيان،چئو طرف ٿي گونجي صَدا ڄامشوري جي،
    هتي علم جا اَڪابَرَ ۽ مسِيحا رهن ٿا،بيمارن لاءِ آ مشھور شَفا ڄامشوري جي،
    هي شهر ته پرين جو ديس ٿو سڏجي،
    ”قربان“ ڪري ته ڇا ثَنا ڄامشوري جي.


    ريڊيو پبليڪيشن جو نمائندگي....ڊاڪٽرصاحب مون کي هڪ ڏينهن فون ڪيو ۽ فون تي چيائين ته ممتاز مون کي دادو شهر لاء پنهنجي ميگزين لاء نمائندو ٿو گهرجي، سو ان لاء مون توهان جو نالو چونڊيو آهي.۽ منهنجو نالو ريڊيو پبليڪيشن ۾ نمائندن جي فهرست ۾ اچي ويو، مگر مان پنهنجي دڪان جي مصروفيتن ۽ گهر جي پريشانين جي ڪري اها ميگزين جي نمائندگي نڀائي نه سگهيس،سو ان ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ڏک به ٿيو مگر منهنجي مجبوري سمجهي ويو.۽ پوء منهنجو نالو هٽي ويو،

    احسن پرنٽنگ پريس دادو ۽ ملاقات. ڊاڪٽر صاحب ميگزين ڇپرائڻ لاء احسن پرنٽنگ پريس ايندا هئا، ۽ اها احسن پرنٽنگ پريس منهنجي دڪان جي ڀرسان هوندي هئي، سو جڏهن به ڊاڪٽر صاحب ايندا هئا، مون وٽ ضرور ايندا هئا، ۽ ملاقات ٿيندي هئي، ڪڏهن ويهندا ڪو نه هئا، هميشه جلدي ۾ هوندا هئا.

    ڊاڪٽر صاحب ۽ ريڊيو جي دنيا...... سنڌ جو شايد اهو ماڻهون هجي جيڪو ريڊيو جو شائق هجي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي نه سڃاڻيندو هجي، ڊاڪٽر جي بقول مون صرف سنڌ جي ريڊيو لاء خط ناهن لکيا مگر مون ته آل انڊيه سنڌي سروس ڏانهن به خط لکيا هئا. ۽ منهنجا اتي به نشر ٿيا هئا،۽ منهنجي خيال ۾ ته ڪيترا ته اهڙا ماڻهون به هوندا جن ڊاڪٽر صاحب ڏانهن خط لکيا هوندا، اگر انهن خطن کي سهيڙي ڇپرايو وڃي ته هوند هڪ مڪمل ڪتاب تيار ٿئي ويندو ۽ شايد اهو به ٻه ٽي جلدن ۾.مون تمام گهڻو افسوس آهي جو مون جيڪي ڊاڪٽر صاحب کي خط لکيا هئا، يا ڊاڪٽر صاحب جيڪي مون ڏانهن لکيا هئا، اهي مون وٽ محفوظ نه آهن. ۽ ان زماني جي سوچ جي حساب سان مون اهي ضايع ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جو هڪ تمام گهڻو افسوس اٿم.

    ڊاڪٽر صاحب جي اولاد جو ذڪر.... ڊاڪٽر صاحب کي هڪ پٽ آهي رضوان احمد جي نالي سان شايد ان زماني ۾ هن سان ملاقات به شايد ٿئي، هئي، ۽ اهو اڄڪلهه پاڻ به ڊاڪٽر آهي.

    ڊاڪٽر صاحب جا فلاحي ڪم.

    مفت ڪلينڪ هلائڻ.........ڊاڪٽر جهتيال صاحب هر جمعي تي مفت ڪلينڪ هلائيندو هو، ۽ غريب غربو ان اسڪيم مان ڀرپور فائدو کڻندا هئا.جيڪو ڪم سندس صدقه جاريه هو،

    غريب شاگردن کي ڪتاب وٺي ڏيڻ ....ريڊيو خيرپور ۾ هڪ پروگرام هلندو هو،لاٽ ٻرندي رهي جوت جلندي رهي.جنهن ۾ ڪجهه غريب شاگرد خط لکي ڪري اهيا گهر ڪندا هئا ته اسان کي فلاڻي ڪلاس جو ڪورس گهرجي، ۽ ان پروگرام ۾ سنڌ جا ڪيترائي اهڙا دوست هئا، جيڪي انهن غريب شاگردن کي ڪتاب وٺي ڪري پوسٽ ڪندا هئا، ۽ انهن مخير حضرات جي لسٽ ۾ ڊاڪٽر جهتيال صاحب سر فهرست ماڻهون هو، ۽ ڪيترائي شاگر ڊاڪٽر صاحب کي ان حوالي سان به سڃاڻيندا هوندا.

    سندس بيماري .. .جڏهن همت وارو هي ڪردار سخت بيمارٿيوهو ته . پهرئين ڏينهن کان ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهيءَ کي اطلاع ڏنو ويو هو. پر وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته ثقافت کاتي وارن مالي مدد ته نه ڪئي هئي پر طبيعت پڇڻ به نه آيا هئا. ثقافت کاتو آخر ڇا پيو ڪري؟ قلمڪارن لاءِ رکيل بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو به ادبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي پر ان کي به هڪ اديب جي وقتائتي سار لهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.۽ اهڙي ريت سنڌ جو هي ماياناز ڊاڪٽر، اديب، شاعر، سماجي ڪارڪن هن فاني دنيا ۾ هميشه هميشه لاء موڪلائي ويو. بڪين جي بيماري سبب هو ان موذي مرض سان لڙندو رهيو ۽ آخرڪار 21 آگسٽ 2012 تي زندگيء جي جنگ هارائي ويو..



     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 آڪٽوبر 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو