• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُريلو راڳي ڦوٽو زرداري ڄم 1952ع وفات 18 مارچ 1996ع

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سُريلو راڳي ڦوٽو زرداري ڄم 1952ع وفات 18 مارچ 1996ع
چون ٿا ته هڪ ڀيري هالن ۾ ڪو ميلو لڳو، جنهن جي راڳ ۽ رنگ جو نگران سائين مخدوم طالب المولي جن پاڻ هوندا هُئا، اُتي هڪ محفل ۾ ڦوٽي زرداريءَ به ڳايو هو. ٻُڌندڙن سند تعريف سائين طالب المولي سان ڪئي، جنهن کيس گھُرائي بُڌو ۽ راڳ ٻُڌڻ کان پوءِ کيس مصري فقير جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن هن تي تمام محنت ڪئي ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڦوٽو زرداري وڏن ۽ سُهڻن ڳائڻن ۾ ڳڻجڻ لڳو.

ڦوٽو زرداري 1952ع ۾ سرهاڙي ويجھو هڪ ڳوٺ عالم خان ۾ پئدا ٿيو، پاڻ به مصري فقير جو ديوانو هو ۽ اُنهيءَ کان ئي مُتاثر ٿي ڳائڻ شروع ڪيو هُئائين. هُن شروعات ۾ فقير عبد علي هنڱوري کان تربيت ورتي ۽ هُن جي خواهش هُئي ته هو وڌيڪ تربيت مصري فقير کان وٺي ۽ هن جي ان خواهش کي سائين طالب المولي پرکي ورتو ۽ پورو ڪيائون.

اسٽيج تي مقبوليت کان پوءِ هُن ريڊئي ۽ ٽي وي جو رُخ رکيو. ريڊئي تي به هو مّخدوم صاحب جي معرفت پُهتو هو. هن پهرين رڪارڊنگ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڪرائي هُئي، سندُس ريڊئي تي ڳايل پهريون ڪلام مُرتضي ا شاه ڏاڏاهيءَ جو آهي جنهن جا ٻول هي آهن :
”اي پرين پرديسي پيارا، پيار جي پارت هُجئي“
حون کان پوٰ هُن جا ريڊئي تي پروگرام ٿيندا رهيا، هو مُختلف شاعرن شاه، سچل، مُرتضا ڏاڏاهي، سيد صالح شاه راڻي پور وارو، طالب المولي ، رحيم بخش قمر ۽ غُلام حيدر گَجُوءَ وغيره جي شاعري ڳائيندو هو، هو هڪ لحاظ کان هڪ مُنفرد فنڪار هو، هُو ڌُن به پاڻ ٺاهيندو هو، ڪيسٽ وسيلي به پاڻ مڃايائين ۽ هن گھهڻا ڪلام طالب المولي جا ڳايا.

ڦوٽو زرداري مّخدوم طالب المولي سان عقيدت ته رکندو هو پر پاڻ مُريد راڻي پور جي پير عبدالقادر جيلانيءَ جو هو ۽ اُن درگاه تي ب هن زندگيءَ جو ڳچ حصو گُذاريو. سائين صالح شاه جو ڪلام به هُن اُتان ئي ڳائڻ شوروٿ ڪيو هو. جنهن وقت راڻي پور شهر ۾ ناميارا راڳي ايندا هُئي، اُنهن منجھه ڦوٽي زرداريءَ کي خاص اهميت هوندي هُئي.

هو مُختلف ميلن ملاکڙن، خاص طور شاه، سچل ۽ قلندر شهباز جي ميلن تي ڳائيندو هو. سندُس ڪُجھه مقبول ڪلام هي آهن.
1. مهربان ٻي ته وئي پر مُهن ڏيکارڻ کان به وئين (طالب المولي ا)
2. مٺا هاڻ مُهنجي اٿئي موڪلاڻي (دريا خان)
3. تماچي ڄام ڪيئن تڙ تي.
4. اي پرين پرديس وارا پيار جي پارت هُجئي.

ڦوٽو زرداري 18 مارچ 1996ٿ تي گُذاري ويو.

مهرباني ٿي ته وئي پر مُنهن ڏيکارڻ کان به وئين
 
ڦوٽو زرداري مّخدوم طالب المولي سان عقيدت ته رکندو هو پر پاڻ مُريد راڻي پور جي پير عبدالقادر جيلانيءَ جو هو ۽ اُن درگاه تي ب هن زندگيءَ جو ڳچ حصو گُذاريو. سائين صالح شاه جو ڪلام به هُن اُتان ئي ڳائڻ شوروٿ ڪيو هو. جنهن وقت راڻي پور شهر ۾ ناميارا راڳي ايندا هُئي، اُنهن منجھه ڦوٽي زرداريءَ کي خاص اهميت هوندي هُئي.
 
Back
Top