شاعري

نذير احمد لغاري

سينيئر رڪن
اي وطن واسيو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهيان،
ڏيو ڪتاب و قلم پڙهڻ ٿو چاهيان.

ٻڌو آ علم آ وڏي روشني،
اهو ئي علم حاصل ڪرڻ ٿو چاهيان.

پهچي علم جي ڪنهن مان و مرتبي تي،
خدمت قوم سندي ڪرڻ ٿو چاهيان.

علم جي لاٽ مان لاٽ آ ٻارڻي،
لاٽ سان لاٽ ٿي ٻرڻ ٿو چاهيان.

ٻڌو آ ڪرڻ علم حاصل هڪ جهاد آ،
حاصل علم لاءِ جهاد ڪرڻ ٿو چاهيان.

اهو ئي آ منشور زندگي جو نذير،
جيئڻ علم تي ۽ مرڻ ٿو چاهيان.
 
اهو ئي آ منشور زندگي جو نذير،
جيئڻ علم تي ۽ مرڻ ٿو چاهيان.

واھ سائين واھ تمام بھترين تخليق سچ ته علم کان وڏي ڪابه چيز نه آھي۔
 
Back
Top