نذير احمد لغاري
سينيئر رڪن
اي وطن واسيو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهيان،
ڏيو ڪتاب و قلم پڙهڻ ٿو چاهيان.
ٻڌو آ علم آ وڏي روشني،
اهو ئي علم حاصل ڪرڻ ٿو چاهيان.
پهچي علم جي ڪنهن مان و مرتبي تي،
خدمت قوم سندي ڪرڻ ٿو چاهيان.
علم جي لاٽ مان لاٽ آ ٻارڻي،
لاٽ سان لاٽ ٿي ٻرڻ ٿو چاهيان.
ٻڌو آ ڪرڻ علم حاصل هڪ جهاد آ،
حاصل علم لاءِ جهاد ڪرڻ ٿو چاهيان.
اهو ئي آ منشور زندگي جو نذير،
جيئڻ علم تي ۽ مرڻ ٿو چاهيان.