
پنهنجي فائيلز کي ڪمپريس ڪري توهان آساني سان ڊيٽا کي ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ به ڪري سگهاو ٿا ۽ تيز رفتاري سان اي ميل پڻ ڪري سگهو ٿا نه صرف ايترو پر پنهنجي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جو سپيس بچائيندي ان جي رفتار پڻ تيز ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
جيڪڏهن توهان کي ڪنهن دوست ڏانهن 12 فوٽو اي ميل ڪرڻا آهن ته بجاءِ توهان هڪ هڪ ڦوٽو اٽيچ ڪرڻ جي 12 ئي ڦوٽن کي زپ فولڊر ۾ رکي هڪ ئي دفعو اٽيچ ڪريو ۽ موڪلي ڏيو۔۔۔
ان لاءِ سڀ کان پهريان سمورن ڦوٽن کي سليڪٽ ڪري مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ send to اختيار استعمال ڪندي سمورن ڦوٽن کي زپ فولڊر ۾ منتقل ڪريو۔۔۔

زپ سافٽويئر دراصل اڳ ئي ونڊوز ايڪس پي ۾ موجود هوندو آهي ۔۔۔۔ جڏهن ته وڌيڪ هيٺيان سافٽويئر پڻ ڊيٽا کي ڪمپريس ڪري موڪلڻ لاءِ بهترين ڪم انجام ڏيندا آهن۔۔۔
ون رار هڪ طاقتور ٽول آهي جنهن جي ذريعي وزني فائيلز کي نه صرف ٽڪڙن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو بلڪ ڊيٽا کي هلڪو ۽ اپلوڊ ڪرڻ ۾ آسان بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔۔
ZipItFree هڪ بهترين ٽول آهي جنهن جي ذريعي توهان ڊيٽا کي ڪمپريس ڪندي 15 فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
PeaZip هڪ پورٽيبل سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي تڪڙي رفتار سان ڊيٽا کي مختلف فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ جهڙوڪ۔۔ 7z, ZIP, GZIP, BZIP2, TAR, RAR
Free Compressor جو نعرو آهي ته هن سافٽويئر ذريعي ڊيٽا کي 56 سيڪڙو ڪمپريس ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ڊريگ ڊراپ استعمال ڪندي پنهنا گيت گانا ۽ فائيلز هن ذريعي ڪمپريس ڪريو۔۔۔
Zip Files Opener سادي انٽرفيس ذريعي آرام سان ڊيٽا کي ڪمپريس ڪندو آهي۔۔۔ مفت جي هن سافٽويئر جون خوبيون پڻ ڀليون آهن۔۔۔
ezyZip هڪ سادو ۽ جاوا بيسڊ سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي آن لائين پٽ فائيلز کي زپ ۽ انزپ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته اهو سڀ ڪجهه هو ڪنهن ٻئي سرور تي ڪرڻ بجاءِ توهان جي ڪمپيوٽر تي ئي برائوزر ۾ رهي ڪري ڪندو آهي۔۔۔ جنهن سان ڊيٽا کي ڪمپريس ۽ ڊي ڪمپريس ڪرڻ جي رفتار پڻ تيز هوندي آهي۔۔۔
ان کانسواءِ ڪجهه ٻيا سافٽويئر جهڙوڪ 7-zip, Tugzip ۽Bitser. وغيره پڻ بهترين سافٽويئرن ۾ ليکيا ويندا آهن۔۔۔