حليم باغي جي شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    [ حليم باغي جي شاعري

    چـيم گھر ۾ لانگھا ۽ فـاقا رهن ٿا
    وڏا گھر جـا ڀاتي ته اڪـثر پڇن ٿا
    نه ٿا ٻار نـنـڍڙا سـڻـائن ســا سـمجھن
    نڪو ئي پرين جي ڳالهين تي پـرچن
    سڄيون راتون تارن جون ڳالهيون ٻڌائي
    ڀلا ڪيسين تائين ڪو بک کي ڀڄائي
    ٻچا مــاني مـانــي ڪــري مــري ويــا
    ۽ مــاني جي اڊڪي ۾ ويلا ٽري ويا
    وڏا ســـامــراجـــي وڏي پـــيــــٽ وارا
    ڪـــڙائـن فــرائـن تـي تــن جـا گـذارا
    هــو ڌاريـن جا ڪتا اهـو کاڄ کائـن
    اســان جـا تــه ٻچا ٿا جنهن لئــه واجـھائن
    چـيـم ائـيــن ڇــو آ ڀـلا شــاھ ڀٽـائي
    ڌرتـــي تـــي اکــيـون کُـپـــائي چــيائين
    دنـيــا جــو دسـتـــور هــي آهي باغـي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو