غزل-‎ ‎آس ٻٻر (سنڌ‎ ‎سلامت تي منھنجي پھرین ونڊ)

میر چند

سينيئر رڪن
غــــزل​
آس ٻـــٻـــر​
زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان ،​
رات ڪــٽڻي ٿي پوي ڇت جي پٺيان ۔​
اک جــــو پــاڻي ئي سـڪندو ٿو وڃي ،​
رت ايــنـدو ڪــو نــہ آ رت جي پٺيان ۔​
ھــر چــڱـائـي کـوھ ڀيــڙي پـئـي ٿـئي ،​
مـــاڻھــو وينـدو آھ عادت جي پٺيان ۔​
بـيـقـراريون ٿــــــو کـڻي ھـر مـنـد ۾،​
واھ آدم !ھــــڪــڙي راحت جي پٺيان ۔​
ڪٿ اکيون ، ڪٿ دل ڏيڻ آھي لڳو ،​
آس ھـــاڻي آ ســـــخــاوت جي پٺيان ۔​
 
زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان ،
رات ڪــٽڻي ٿي پوي ڇت جي پٺيان ۔

تمام خوبصورت شاعري ۔۔۔۔ سهڻو غزل
 
Back
Top