میر چند
سينيئر رڪن
غــــزل
آس ٻـــٻـــر
زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان ،
رات ڪــٽڻي ٿي پوي ڇت جي پٺيان ۔
اک جــــو پــاڻي ئي سـڪندو ٿو وڃي ،
رت ايــنـدو ڪــو نــہ آ رت جي پٺيان ۔
ھــر چــڱـائـي کـوھ ڀيــڙي پـئـي ٿـئي ،
مـــاڻھــو وينـدو آھ عادت جي پٺيان ۔
بـيـقـراريون ٿــــــو کـڻي ھـر مـنـد ۾،
واھ آدم !ھــــڪــڙي راحت جي پٺيان ۔
ڪٿ اکيون ، ڪٿ دل ڏيڻ آھي لڳو ،
آس ھـــاڻي آ ســـــخــاوت جي پٺيان ۔