bakhtawar
سينيئر رڪن
Valentine Day هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن تي هر پيار ڪرڻ وارو پنهنجي پيار جو اظهار سهڻي ۽ گلابي گلن سان ڪندو آهي، پوءِ اهو پيار ڪنهن روپ ۾ به ڇو نه هجي، ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، ماءُ هجي يا پيءُ ڀيڻ هجي يا ڀاءُ يا وري توهان جو دوست هجي، توهان پنهنجي پيار جو اظهار سهڻي ۽ خاص گلن سان ڪندا آهيو، عام طور تي اسان وٽ گلن جو استعمال شادي يا خوشي جي تقريب ۾ ٿيندو آهي پر گل محبت جي اظهار جي نشاني طور سڃاتا وڃن ٿا، حقيقت ۾ گل محبت جي نفاست ظاهر ڪري ٿو، جنهن ڪري ئي گلن کي نيڪ خواهشن جو اظهار سمجهيو وڃي ٿو، منهنجي نظر ۾ گل پيار جي جذبن جو اظهار آهي، پيار جو ڏينهن هر لمحي ۽ هر گهڙي ملهائي سگهجي ٿو، پيار جو ته ڪو ٽائيم مقرر نه آهي، محبت جو ڏهاڙو هر روز ملهائڻ گهرجي، محبت لاءِ هڪ ڏينهن ڪافي نه آهي، محبت جيڪڏهن ملي ويندي آهي ته ماڻهو محدود ٿي ويندو آهي، عشق ملڻ جي صورت ۾ محدود ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ لا محدود ٿي ويندو آهي، اسان کي محبت زندهه رکڻي آهي، دل جي ڌڙڪن مان صرف پيار جو آواز نڪرڻ گهرجي، جيستائين دل ڌڙڪي پئي اهو پيار جو ڏينهن آهي، اسان ستا پيا هوندا آهيون، اهي ڏينهن اسان کي سجاڳ ڪندا آهن، انهيءَ ڏينهن جي جيڪا انٽرنيشنل اهميت آهي، مان ان کي مڃان ٿي، پيار دنيا جو عظيم جذبو رشتو آهي، جنهن سان دنيا جي هر شيءِ انمول ٿي سگهي ٿي، پيار به انمول جذبو آهي، پيار سان هر رشتو حسين رهي ٿو، دليون ڀلي محبت ڪن پر هڪ محدود دائري ۾ رهي، انهيءَ ڳالهه جي آئون قائل آهيان ته اسان کي محبتن کي وائکو ناهي ڪرڻو، انهن کي دلين ۾ زندهه رکڻو آهي ۽ چپن سان انهن جو اعلان ناهي ڪرڻو، محبت لفظن جي اظهار جي محتاج به هوندي آهي، ان ڪري اظهار ضروري هوندو آهي، يڪطرفي محبت ۾ تباهي آهي، چون ٿا ته تحفن جي ڏي وٺ سان محبت ۽ هڪ ٻئي سان جذباتي وابستگي وڌي ٿي