
منهنجا گهڻا دوست سمارٽ فون جي بيٽري جو وقت گهٽ هجڻ بابت روئندا رهندا آهن۔۔۔ کين گُر جو ڳالهيون ڏس ته عمل به نه ڪندا آهن۔۔ هاڻي ته ليپٽاپ رکندڙ دوستن جون به ساڳيون دانهون آهن۔۔۔ ايسيتائين جو سنڌ سلامت جا انتظامي رڪن به هر دفعي لوڊشيڊنگ جو عذر ڏئي پنهنجي فرض کي ادا نه ڪرڻ جو ڏوهه بخشرايو وڃن۔۔۔خير هتي مان ليپٽاپ رکندڙ ساٿين لاءِ ”Aerofoil “ نالي هڪ ننڍو سافٽويئر کڻي آيو آهيان جيڪو سندن ليپٽاپ جي بيٽري کي وڌيڪ دير تائين هلائڻ جي قابل بڻائيندو آهي۔۔

هن سافٽويئر جي ڪم ڪرڻ جو طريقي ڪار پڻ نرالو آهي۔۔ جڏهن ليپٽاپ چارج نه ٿيندو هجي ته هي ونڊوز جي ڪجهه فيچرس جهڙوڪ ايرو گلاس انٽرفيس، ونڊوز سائيڊ بار ۽ سائونڊ وغيره کي بند ڪندي بيٽري جي غير ضروري استعمال کي روڪيندو آهي۔۔۔ ان کان علاوه هي سافٽويئر توهان جي ليپٽاپ لاءِ پاور پلان پڻ ترتيب ڏيندو آهي۔۔۔ ته جڏهن ليپٽاپ چارج تي هجي يا نه هجي ته پاور کي ڪيئن استعمال ڪجي۔۔۔
هن سافٽويئر کي استعمال ڪرڻ کان پهريان اهو ضرور چيڪ ڪندا ته توهان جي ليپٽاپ ۾ ان قسم جو پهريان سافٽويئر ته انسٽال ٿيل ناهي۔۔۔ ڪجهه ڪمپنيون ان قسم جو ٽول اڳ کان ئي سسٽم ۾ رکنديون آهن۔۔
سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔