امام علي جنجهي
سينيئر رڪن
اکيون رنگ رتول، هيون الک اڀ ۾
اڄ پڻ آديسين جا ھينئڙي چڙهيم هول،
ڪاپڙين قول، پاريا وڃين پرينء سين
اکيون رنگ رتول ڳوڙھا مٿي ڳل،
بيٺا رهيا برن ۾ پير نه چوريئون پل،
کامي وييئن کل، جوڳين کي جڳ ٿيا
اکيون رنگ رتول رنا رت روءِ،
اڄ نه اچي آديسين جي برن منجهان بوءِ،
جوڳي ڪهڙي جوءِ، وسائي ويهي رهيا
اکيون رنگ رتول ڀون وجهيو ڀيرين،
لڪون جکون جهولا ڄراٽيو ڄيرين،
نينهن نه نبيرين، آڌوتي الک سين
امام علي جنجهي