امام علي جنجهي
سينيئر رڪن
نظم
مٽيون مئيڪدن جون به اوتي ڏٺيون سين،
سوين سگريٽ سلفيون فوڪي ڏٺيون سين،
مزو محبوب ري نه مينهن ۾ آھي،
نشو سڀ نينهن ۾ آھي،
اسان جي عشق جا صفحينا ٻڏي ويا
ڪيون وقت ڪيڏيون اسان سان ٺڳيون،
منزلن کان اوريان طوفان آيا
جنجهوڙي جنين جهوريون جهڳيون،
مگر پوء بـي ڪٿي دل شڪستا ٿي مڙيا ڪونه آھيون،
ڇا ٿي پيو جي جوڀن ۾ ڪنهن جيون سان جڙيا ڪونه آھيون،
اھيا سٽ سھڻ جي طاقت نه شينهن ۾ آھي،
نشو سڀ نينهن ۾ آھي،
عبادت اسان جي طويل تنهايون
قضا جا ڪئي سون نه وسري سگهي آ،
توريون ائين تڪيا وڇايل رھيا
دل باغيچن ۾ ڪڏھن نه وندري سگهي آ،
پرين جي پڇين ٿو ته پڇ ڳالھ ڳوڙھن اگهڻ جي،
ڪنهن ڪوشش نه ڪئي آ دل ڦاٽل سبڻ جي،
چڙھيو چاھت جو چولو چيئن ۾ آھي،
نشو سڀ نينهن ۾ آھي،
مان مٽيء جو متوالو مقتل جي ڳولا ۾
ٽياسن تي ٽپھريء ٽنگيو ٿو وڃان،
حدن جي سڌن جو ھيراڪ ناھيان
ڪڏهن لامڪان کان لنگهيو ٿو وڃان،
تون جنتون جهنم آڇڻ ڇڏي ڏي محبت اسان جو مقام آھي،
مان آدم جو اولاد انسان آھيان عشق اسان جو امام آھي،
اسان جام ڪوثر ڏوڪيو هر ڏينهن ۾ آھي،
نشو سڀ نينهن ۾ آھي
امام علي جنجهي