امام علي جنجهي
سينيئر رڪن
اڃان سنڌھ ساري ڪلر ڪونه ٿي آ،
اڃان ٿــــر ۾ ٿــوھر اٺـــي جــو اڳن پيا
اڃان چنڊ پنهنجي نه چانڊاڻ مٽيو آ،
اڃان مينهن پنهنجي نه مانڊاڻ مٽيو آ،
اڃان سج ستارا کنڌين تي کڙھا آهن،
اڃان اڪ اڳئين کان به قاتل ڪڙا آھن،
اڃان دل پنهنجو نه ڌڙڪڻ ڇڏي ٿي،
اڃان باھ پنهنجو نه ڀڙڪڻ ڇڏي ٿي،
اڃان ماڪ مکڙيون ڀڄايو وڃي ٿي،
اڃان مند موقعا ملهايو وڃي ٿي،
اڃان واء ويتر لڪن ۾ لڳن پيا،
اڃان سنڌھ ساري ڪلر ڪونه ٿي آ،
اڃان ٿــــر ۾ ٿــوھر اٺـــي جــو اڳن پيا،
اڃان هن ڌرتيء جا دودا ٿيا اٿئي،
اڃان جام جيئرا ڪي جوڌا ٿيا اٿئي،
اڃان آزمائشن سان اٽڪيو پون ٿا،
اڃان لاش لهو ڪاڻ لٽڪيو پون ٿا،
اڃان سر سرن لئه ڏين ٿا جيئن ٿا،
اڃان ڦاھين ڦنڌن تي بيهن ٿا جيئن ٿا،
اڃان جوش جذبا جهڪڻ تي نه سوچجان،
اڃان ڪنڌ ڪونڌرين ڪپڻ تي نه سوچجان،
اڃان رت ريڄالا ھي سورمان سجهن پيا،
اڃان سنڌھ ساري ڪلر ڪونه ٿي آ،
اڃان ٿــــر ۾ ٿــوھر اٺـــي جــو اڳن پيا ،
اڃان سونهن سنڌ جي شناخت ٿي سڏجي،
اڃان ٽوپي اجرڪ ثقافت ٿي سڏجي،
اڃان عشق محبت الوٽن تي آھن،
اڃان پيار پريتون پلوٽن تي آھن،
اڃان چاھتن ۾ ڪا چڻ ڀڻ ھلي پئي،
اڃان محبتن کي ڪا معنى ملي پئي،
اڃان راز ۽ روح جي رفتار چئون ڇا،
اڃان باغ بلبل جي گفتار چئون ڇا،
اڃان چوڻ چمن ۾چتون ڪئي چڳن پيا،
اڃان سنڌ ساري ڪلر ڪونه ٿي آ،
اڃان ٿــــر ۾ ٿــوھر اٺـــي جــو اڳن پيا ،
امام علي جنجهي