• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پگهر جي مزوري ڪڏهين ڪونه ڇڏبي

امام علي جنجهي

سينيئر رڪن

پگهر جي مزوري ڪڏهين ڪونه ڇڏبي،
خوشيء سان نه ڏيندين وڙهي نيٺ وٺبي،

ڏهاڙي ڏلهن کي کڻون سر مٿي ٿا،
اگهاڙن پيرن هلون ڌڙ تتي ٿا،
اسان قوت پنهنجو ڪريون ايئن ڪڙمي،
سدائين سورن ۾ سردي ائين گرمي،
کڏن ۾ خفا ٿيون ڪوڏر ڪمايون،
روڊن تي روڙا ائين ڏامر وڇايون،
اندر منجھ اڍڪو اٽي ۽ لٽي جو،
ڀنيء رات ڀري ويل اڀري اجهي جو،
جڏي فڏي جهوپڙي الهي ڪيئن آ اڏبي،
خوشيء سان نه ڏيندين وڙهي نيٺ وٺبي،

اسين رت روڊن تي نه ڏيندي مڙون ٿا،
بکئي پيٽ پورهيت وطن لئ وڙهون ٿا،
اڙي چڱا مڙس چمچا لوٽا ٻڏي مر،
او ڪامورا قاضي ڪتا ٻڏي مر،
دهشتگرد ڌاڙيل ڦورن جا سنگتي،
ڀاڳين جا دشمن چورن جا سنگتي،
شرابن جا شيشا کڻي پوء پيئو ھا،
سنڌو کي ڏسي ڪر شرمندا ٿيئو ھا،
پر لوسڻ جي نڪ تي رنبي ڪهڙي رکبي،
خوشيء سان نه ڏيندين وڙهي نيٺ وٺبي،

اسان کي به بهارون بريون ٿي لڳيون،
ڇاتيء ۾ ڇيريل ڇريون ٿي لڳيون،
خوشيون ڪئي خزان ۾ اڏامي ويون،
ايئن هٿن مان حياتيون وڪامي ويون،
نـ پڄي ڪنهن پرين جي ٺڪاڻي سگهياسون،
نـ انهي کي اسان وٽ آڻي سگهياسون،

نـ زندگي آزاد گذري سموري،
ڪڏهن هي تواريخ ڏسجو ضروري،
اسان جي آ اسان تي ئي لکبي،
خوشيء سان
نه ڏيندين وڙهي نيٺ وٺبي.
امام علي جنجهي
 
Back
Top