ليها دل تي اچيو لائين عمر يادون اباڻن جون،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ امام علي جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2013۔

  1. امام علي جنجهي

    امام علي جنجهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    55
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سماجي ڪارڪن
    ماڳ:
    اسلامڪوٽ ٿرپارڪر

    ليها دل تي اچيو لائين عمر يادون اباڻن جون،
    نڪو مارن مڪو ماڻهو پڇان ڳالهيون پنهوارن جون،


    وٺا مينهنڙا ويڙيچن تي، سنگهارن سرويچن تي،
    چوڙيليون اڄ چاڙيڪن تي، ڀليون ڀڙڪون ڀتارن جون،


    چڙهيا چت تي اچي چونئرا، جتي مارن رڌا ڏونئرا،
    ڪڍي دکين منجهان ڌونئرا، رکين ورڇون وڇارن جون،


    جتي جيڏين جڳر هوندو، اتي سهيلين سڳر هوندو،
    ويو ويهائن وڳر هوندو، ڪري قطارون ڪنئوارن جون،


    ساري سهيليون مون کي سڏڪيون، ڳائي ڏورا هتي ڏسڪيون،
    لڳيون مونکي هتي هڏڪيون، وڍين سوچون ويچارين جون،


    مون جيڏيون منهائن ۾، پکي هيٺ پنهائن ۾،
    ويٺيون ڪالھ ونهائن ۾، پيئن پوتيون ٻپارن جون،


    هيون مونکان ننڍيون نيٽيون، ڏنن اوهندر پڙا پيٽيون،
    ٿيون تن جون جي نيکيٽيون، اينديون ڀريون ميارن جون،



    امام علي جنجهي هاڻي، ايندو قاصد الله ڄاڻي،
    لکي خط ۾ خبر آڻي، صحيحون جن ۾ سنگهارن جون،

    امام علي جنجهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو