اکين ۾ ٿي ڪٽر رهجي،

امام علي جنجهي

سينيئر رڪن
اکين ۾ ٿي ڪٽر رهجي،
انهي کان ٻي در رهجي،

شرط ڪونهي سڄي زندگي،
هروڀرو هن شهر رهجي،

اها خوشبوء رهي ناهي،
گلين ۾ ٿي گٽر رهجي،

بزم ۾ ڪو مزو ڪونهين،
اتي ڪهڙي اکر رهجي،

اکين تي بار ٿيا منظر،
اکيون پوري اگر رهجي،
امام علي جنجهي
 
Back
Top